Book Name:Maktoob e Attar
آهن، ان کي فرشتا دعائون ڏيندا آهن . (شعب الايمان ج 3 ص 297 حديث 3586)
مُفَسِّرِ شهير حڪيم الامت حضرت مفتي احمد يار خان عَـلَيْهِ رَحْـمَةُ الْـمَنَّان فرمائن ٿا ته هن مان معلوم ٿيو ته جيڪڏهن کاڌو کائڻ دوران ڪو اچي وڃي ته ان کي به کائڻ جي لاءِ سڏڻ سنت آهي، پر دِلي ارادي سان سڏي، ڪوڙي تواضُع (يعني صلاح) نه ڪري ۽ اچڻ وارو به ڪوڙ ڳالهائي هيئن نه چوي ته مونکي خواهش ناهي، ته جيئن بک ۽ ڪوڙ گڏجي نه وڃن.
بلڪ جيڪڏهن (نه کائڻ چاهي يا) کاڌو گھٽ ڏسي ته چـوي بَارَكَ اللهُ (يعـني الله عَزَّوَجَلَّ تو کي برڪت ڏي) هي به معلوم ٿيو ته سروَرِ ڪائنات، شاھِ موجودات صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان پنهنجون عبادتون نه لڪائڻ گھرجن، بلڪ ظاهر ڪيون وڃن ته جيئن حضور پُرنُور، شافعِ يومُ النُّشُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان تي گواھ بڻجي وڃن، ۽ اهو ظاهر ڪرڻ رياء ناهي. (حضرت سيدنا بلال رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جي روزي جو ٻڌي ڪري جيڪو ڪجھ فرمايو ويو ان جي شرح هي آهي) ته يعني اڄ جي روزِي اسان ته پنهنجي هتي ئي کائي وٺون ٿا.
حضرت سيّدنا بلال رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ ان جي عِوَض جنّت ۾ کائيندا، اهو عوض (يعني بدلو) بهتر به هوندو ۽ زياده به، حديث بلڪل پنهنجي ظاهري معنيٰ تي آهي، واقعي ان وقت روزيدار جي هر هڏي ۽ جوڙ بلڪ رڳ رڳ تَسۡبِيح (يعني الله عَزَّوَجَلَّ جي پاڪي بيان) ڪندي آهي جنهن جو روزيدار کي پتو ئي ناهي هوندو، پر سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌندا آهن . (مراٰة ج 3 ص 202)