Book Name:Maktoob e Attar
ٽن مهينن جا روزا
رجب المرجب جا قدر دانو! تعليم و تعلُّم (يعني سکڻ ۽ سيکارڻ) ۽ ڪسبِ حلال ۾ رڪاوٽ نه هجي، ماءُ پيءُ به بلا وجه منع نه ڪن، ڪنهن جي به حق تلفي نه ٿيندي هجي جلدي جلدي ۽ جلدي مسلسل ٽن مهينن جا يا رمضان المبارڪ جي مڪمل فرض روزن سان گڏ جنهن کان جيترا ٿي سگهن نفل روزن جي لاءِ ڪمر بسته ٿي وڃو، سحري ۽ افطار ۾ گهٽ کائي ڪري پيٽ جو قفل مدينه به لڳايو. ڪاش! هر گهر ۾ ۽ منهنجي جمله مدارس المدينه ۽ تمام جامعة المدينه ۾ روزن جون بهاريون اچي وڃن. بس پهرين رجب شريف کان ئي روزن جو آغاز فرمائيندا وڃو.
رجب جي ابتدائي (پهريان) ٽن روزن جي فضيلت!
رجب شريف جي ابتدائي ٽن روزن جي فضائل جي به ڇا ڳالهه ڪجي! حضرت سيّدنا عبدالله ابنِ عبّاس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا کان روايت آهي ته بيچين دِلين جي چين، رحمتِ دارَين، تاجدارِ حَرمَين، سروَرِ ڪَونَين، ناناءِ حَسۡنَين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ رحمتِ نشان آهي: ”رجب جي پهرين ڏينهن جو روزو ٽن سالن جو ڪفارو آهي ۽ ٻي ڏينهن جو روزو ٻن سالن جو ۽ ٽين ڏينهن جو هڪ سال جو ڪفارو آهي، پوءِ هر ڏينهن جو روزو هڪ مهيني جو ڪفارو آهي.“ (الجامع الصغير للسيوطي ص 311 حديث 5051 فضائل شهر رجب للخلال ص 7)
ميں گنہگار گناہوں کے سوا کيا لاتا
نيکياں ہوتی ہیں سرکار نِکوکار کے پاس