Book Name:Sadqay ki Baharain ma Afzal Sadqaat
هديو ڏيندو هو پاڻ رَضِي الله تَعَالٰي عَنْها کي هديي طور هڪ ٻڪري موڪلي، کڻي اچڻ وارو ان گوشت کي ڪپڙي ۾ ڍڪي کڻي آيو۔ پاڻ رَضِي الله تَعَالٰي عَنْهَا مون کي سڏي فرمايائون: وٺ ان مان ڪجھ کاءِ اهو توهان جي ان ماني کان بهتر آهي۔([1])
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اهو هو الله وارن جو طرزِ عمل جو جيڪو ڪجھ به هوندو اهو صَدَقو ڪري ڇڏيندا هئا اهو ئي سبب آهي جو الله عَزَّ وَجَلَّ انهن جي صَدَقي جي ڪري انهن کي بهتر کان بهتر بدلو عطا فرمائي ٿو۔جيئن ته
شيخ ِطريقت، امير اهلسنت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علّامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطّار قادري رضوي ضيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي تصنيف ”فيضانِ سُنّت“ جي صفحي 513 تي هڪ واقعو نقل ڪن ٿا: پنهنجي دؤر جا ابدال حضرت سيّدُنا ابو جعفر بن خطاب عَلَیۡهِ رَحْمَةُ اللهِ الۡتَوَّاب فرمائن ٿا، منهنجي دروازي تي هڪ سائل (يعني سواليءَ) صدا هنئي مون گهرواريءَ کان پُڇيو ته ڇا تو وٽ ڪجهه آهي؟ جواب مليو چار(4) بيضا (يعني آنا) آهن مون چيو؛ سوالي کي ڏئي ڇڏيو، انهن ڏيئي ڇڏيا. سائل بيضا وٺي هليو ويو، اڃا ٿوري دير ئي گذري جو مون وٽ هڪ دوست بيضن سان ڀريل هڪ ٽوڪري موڪلي. مون گهران پُڇيو، هن ۾ ڪل ڪيترا بيضا آهن؟ انهن چيو؛ 30. مون چيو توهان ته فقير کي 4 بيضا ڏنا هئا، هي 30 ڪهڙي حساب سان آيا! چوڻ لڳيون ٽيهه بيضا صحيح آهن ۽ باقي 10 ڀڳل آهن، حضرت سيّدُنا شيخ علامه يافعي يمني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا، ڪجهه ماڻهو هن حڪايت جي متعلق بيان ڪن ٿا ته سائل کي جيڪي بيضا ڏنا ويا هئا انهن مان ٽي صحيح ۽ هڪ ڀَڳل هيو. ربّ تعاليٰ هر هڪ جي بدلي ۾ ڏهه ڏهه