Book Name:Sadqay ki Baharain ma Afzal Sadqaat
﴿3﴾جُود وڪرَم ايمان مان آهي
حضرت سيدُنا حُذَيفه رَضِي الله تَعَالٰي عَنْه فرمائن ٿا: دِين جا گُناهگار ۽ زندگي ۾ لاچار ۽ بدحال گھڻا ئي ماڻهو صرف پنهنجي سخاوت جي سبب جنّت ۾ داخِل ٿي ويندا۔([1])
بِلا حساب ہو جنّت میں داخلہ یا ربّ
پڑوس خُلد میں سَروَر کا ہو عطا یا ربّ
(وسائلِ بخشش مُرمّم،ص82)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڪجھ ماڻهو محتاجي جو بهانو بڻائي صَدَقي ۽ خَيرات جي معاملي ۾ سُستي ۽ بُخل ڪندا آهن ۽ حال پڇڻ تي شڪوا شڪايات جا انبار لڳائي ڇڏيندا آهن۔ ياد رکو! صَدَقي ۽ خَيرات ڪرڻ سان نه ته مال ۾ ڪا گھٽتائي ٿيندي آهي ۽ نه ئي راھ خدا ۾ مال ڏيڻ جي لاءِ امير ۽ اعليٰ هئڻ شرط آهي جيئن ته سرڪارِ ابدِ قرار، شفيعِ روزِ شمار صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ دلنشين آهي: مَا نَقَصَ مَالٌ مِنْ صَدَقَۃِِ يعني صَدَقو ڏيڻ سان مال گھٽ ناهي ٿيندو۔([2]) هڪ ٻي هنڌ تي ارشاد فرمايائون: فَاتَّقُوا النَّارَ وَلَوْ بِشِقِّ تَمْرَۃٍ يعني باھ کان بچو، جيتوڻيڪ کجور جي هڪ ٽُڪڙي جي ذريعي.([3])
هن حديث شريف ۾ انهن ماڻهن جي لاءِ دلاسو آهي، جيڪي مَعاشي پريشانين ۾ مبُتلا هئڻ جي باوجود صَدَقو ۽ خَيرات ته ڪندا آهن پر معمولي شيون صَدَقو ڪرڻ جي ڪري دل ننڍي ڪندا آهن حالانڪ صَدَقو چاهي گھٽ