Book Name:Sadqay ki Baharain ma Afzal Sadqaat
غريب ۽ مسڪين آهيان، ۽ منهنجو سامان ختم ٿي ويو آهي، واپس وڃڻ جي ڪا صُورت نظر نه پئي اچي، پر الله عَزَّوَجَلَّ جي رحمت مان اُمّيد آهي ۽ مان تنهنجي مَدَد جو طَلَب گار آهيان۔ جنهن ذات تو کي خُوبصُورت رنگت ۽ جِلد ۽ ايتري قدر مال عطا ڪيو آهي، مان توکي ان جو واسطو ڏيان ٿو ته مون کي هڪ اُٺ ڏئي ڇڏ ته جيئن مان پنهنجي منزل تائين پهچي سگھان، اهو ٻڌي اُن شخص منع ڪندي چيو ته مون تي پهريان ئي گھڻيون ذِمّيداريون ۽ حق آهن۔ ملائڪ چيو: مون کي ائين لڳي ٿو ته مان توکي سڃاڻان ٿو، ڇا تُون اهو ئي نه آهين جنهن کي بَرَص جي بيماري هئي ۽ ماڻهو تون سان نفرت ڪندا هئا ۽ تون فقير ۽ محتاج هئين، پوءِ الله عَزَّوَجَلَّ تو کي مال عطا ڪيو۔ ان چيو: مون کي ته هي سڄو مال وِراثت ۾ مليو آهي ۽ نسل دَر نسل اهو مال مون تائين پهتو آهي۔ ملائڪ چيو: جيڪڏهن تون پنهنجي هن ڳالھ ۾ ڪوڙو آهين ته الله عَزَّ وَجَلَّ تو کي اهڙو ئي ڪري جھڙو تون پهرين هئين۔ پوءِ اهو ملائڪ گنجي وٽ اُن جي پهرين صُورت ۾ آيو ۽ اُن سان اها ئي ڳالھ چئي جيڪا بَرَص واري سان چئي هُيائين۔ ان به بَرَص واري وانگر جواب ڏنو۔ ملائڪ چيو: جيڪڏهن تون پنهنجي ڳالھ ۾ ڪوڙو آهين ته الله عَزَّوَجَلَّ تو کي تنهنجي پهرين واري حالت ۾ موٽائي ڇڏي۔ پوءِ ملائڪ نابين وٽ ان جي پهرين واري حالت ۾ آيو ۽ چيائين: مان هڪ مسڪين ۽ مسافر آهيان ۽ منهنجو سامان ختم ٿي ويو آهي۔ اهڙي حالت ۾ پنهنجي منزل تائين نٿو پهچي سگھان، پر الله عَزَّوَجَلَّ جي ذات ۾ اُمّيد آهي ۽ ان کان پوءِ مون کي تنهنجو آسرو آهي۔ مان اُنهيءَ ذات جو واسطو ڏئي تو کان سوال ڪيان ٿو، جنهن تو کي اکيون عطا ڪيون تون مون کي هڪ ٻڪري ڏي ته جيئن مان پنهنجي منزل تائين پهچي سگھان۔ ته هو چوڻ لڳو: واقعي مان پهريان نابين هئس، الله عَزَّوَجَلَّ مون کي اکيون عطا ڪيون ۽ غريب هئس، الله عَزَّوَجَلَّ مون کي غني ڪري ڇڏيو، تون جيترو چاهين هن مال مان کڻي وٺ ۽ جيترو چاهين ڇڏي ڏئي۔ الله عَزَّ وَجَلَّ جو قسم! تو جيترو مال الله