Book Name:Shab e Meraj Jannat main Rahmat e ilahi kay mushahidaat
معمول بڻجي چڪو هو جو هڪ غيرتمند مسلمان کي نه ٿو جڳائي. بدنگاهي جي شروعاتي ۽ آسان ذريعن يعني فلمون، ڊراما ۽ گانا باجا ڏسڻ ۽ ٻڌڻ کي بيحد پسند ڪندو هئس. ڏينهن رات اهڙن گناهن ۾ گذري رهيا هئا ته منهنجي رب عَزَّوَجلَّ جو ڪرم ٿيو ۽ مون کي ان خراب ماحول کان ڇوٽڪارو ڪجهه هن طرح نصيب ٿيو ته الله عَزَّوَجلَّ جي فضل و ڪرم سان مون کي دعوتِ اسلامي جي مشڪبار مدني ماحول جي سنتن ڀري فضا ملي. هڪ عاشقِ رسول جيڪو جيتوڻيڪ شيخ طريقت، امير اهلِسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو مريد ته نه ٿيو پر اهو دعوتِ اسلامي جي هن عظيم مدني مقصد ”مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي. اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ“ جي جذبي سان سرشار دعوتِ اسلامي جي مدني ماحُول سان وابسته هيو. ان هڪ ڏينهن انفرادي ڪوشش ڪندي مون کي هڪ پراڻو ڪتاب جنهن جو نالو فيضانِ سنت هو. مطالعي لاءِ ڏنو، جڏهن ان کي پڙهيو ته ڏاڍو سٺو لڳو، اهڙي پرُتاثير تحرير پهرين ڀيرو پڙهي ته ان منهنجي زندگي جو انداز ئي بدلي ڇڏيو ۽ مان پنهنجي گذريل گناهن کان مغفرت ۽ اصلاح جي جذبي تحت دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي ويس. مدرسة المدينه بالغان ۾ درست مخارج سان قرآنِ پاڪ پڙهڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ مدني انعامات تي عمل کي پنهنجو معمول بڻائي ڇڏيو جنهن جي برڪت سان نه صرف اکين جو قفلِ مدينه جي دولت نصيب ٿي بلڪ بدنگاهي جي گناهن ڀري مرض کان جان ڇٽي وئي ۽ مان والدين جي به اطاعت ڪرڻ لڳس.
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد