Book Name:Shab e Meraj Jannat main Rahmat e ilahi kay mushahidaat
جي طلب ۾ لڳو رهڻ پوءِ اهڙي ۾ الله عَزَّوَجَلَّ جي رحمت تي نظرون ڄمائي مغفرت جو انتظار ۾ رهڻ ته يقينًا سراسر ناداني ۽ بي وقوفي ئي آهي. نبي اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: اَلْاَحْمَقُ مَنْ اَتْبَعَ نَفْسَہٗ ہَوَاہَا وَ تَمَنّٰی عَلٰی اللہِ الْجَنَّۃَ، بيوقوف اُهو آهي جيڪو پنهنجي نفس کي خواهشن جي پٺيان هلائي ٿو ۽ (ان باوجود) الله تعاليٰ کان اميد رکي۔ (سنن الترمذي، الحديث 2467 ج 4 ص 207، 208) حضرت سَيّدُنا يَحٰي بن مُعاذ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: منهنجي نزديڪ سڀ کان وڏو ڌوڪو هي آهي جو معافي جي اميد ڪندي بنا شرمسار ٿيڻ جي، ماڻهو گناهن ۾ مشغول رهي، عبادت کان سواءِ الله تعالٰي جي قرب جي اميد رکي، جهنّم جو ٻج ڇٽي جنّت جي فصل جي انتظار ۾ رهي، ۽ گناهن ڪرڻ باوجود عبادت گذار ٻانهن جي گھر (جنّت) جو طالب رهي، عمل کان بغير ثواب جو انتظار ڪري ۽ ظلم ۽ زيادتي جي باوجود الله تعاليٰ کان نجات جي تمنا ڪري پوءِ اوهان اهي شعر پڙهيا جنهن جو ترجمو هي آهي؛ توهان نجات جي اميد ته رکو ٿا پر ان جي رستن تي نٿا هلو يقيناً ٻيڙي خشڪي تي ناهي هلندي۔ (احياءُ العلوم ج 4 ص 176)
کام زِنداں کے کیے اور ہمیں
شوقِ گلزار ہے کیا ہونا ہے
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن خوش فهمي ۾ مبتلا ٿيڻ جو نقصان هي ٿيندو آهي ته
انسان گناهن تي دلير ٿيندو ويندو آهي، هر گناهه جي ارتڪاب کان پوءِ شيطان جي طرف کان انهيءِ طرح هلاڪ ٿيڻ وارين ڳالهين