Bandon kay Huquq

Book Name:Bandon kay Huquq

کائڻ جي ڳالهه ڪٿي آهي، اڄڪلهه ته ڪيترائي ماڻهو بنا دعوت جي ٻين وٽ (پيٽ ڀري) کاڌو کائي ويندا آهن! حالانڪه بنا سڏ جي ڪنهن جي دعوت ۾ گِھري پوڻ شرعًا منع آهي۔ ابوداؤد شريف جي حديث پاڪ ۾ هي به آهي ته ”جيڪو بنا سڏ جي ويو اهو چور ٿي ڪري گِھريو ۽ ڦر مار ڪري نڪتو۔“ (سنن ابي داود ج 3، ص 379، حديث 3741) ۽ اڄڪلهه ته قرض جي نالي تي ماڻهن جا هزارين بلڪه لکين روپيا هڙپ ڪيا ويندا آهن۔ هينئر اهو سڀ سؤلو محسوس ٿي رهيو هوندو آهي، پر قيامت ۾ گھڻو مهانگو پوندو۔ اي ماڻهن جا قرض ڦٻائڻ وارؤ! ڪن کولي ٻڌو! منهنجا اعلى حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه نقل ڪن ٿا: ”جيڪو دنيا ۾ ڪنهن جا تقريبًا ٽي پئسا قرض ڦٻائيندو ته قيامت جي ڏينهن انهيءَ جي بدلي ۾ ست سؤ باجماعت نمازون ڏيڻون پونديون۔“ (فتاوى رضويه ج 25، ص 69) جي ها! جنهن ڪنهن جو قرض ڦٻايو اهو ظالم آهي ۽ سخت نقصان ۽ تباهي ۾ آهي۔ حضرت سيدنا سليمان طبراني قُدِّسَ سِرُّ ہُ النُّوۡرَانِی پنهنجي حديثن جي مجموعي ”طبراني“ ۾ نقل ڪن ٿا: سرڪار مدينه منوره، سردار مڪهءِ مڪرمه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو، جنهن جو مفهوم آهي: ”ظالم جون نيڪيون مظلوم کي، مظلوم جا گناهه ظالم کي ڏياريا ويندا۔“ (المعجم الڪبير حديث 3969 ج 4 ص 148)

گُناہوں کے کھلے دفتر کھڑا ہوں آہ!مِیزاں پر

نہیں ہیں نیکیاں اب کیا کروں گا یا رَسُوْلَ اللہ

کرم فرما کہ ہو عطارؔ بھی اِس قول کا مِصداق

’’تِری خاطر جِیوں گا اور مَروں گا‘‘یا رَسُوْلَ اللہ

(وسائل بخشش، ص 323، 325)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد