Bandon kay Huquq

Book Name:Bandon kay Huquq

تي وڌا ويندا۔ ۽ بيشمار ماڻهو (پنهنجين نيڪين جي سبب نه بلڪه) ٻين جون نيڪيون حاصل ڪري جنت ۾ داخل ٿيندا۔“ (قوت القلوب ج 2، ص 292) ظاهر آهي ته ٻين جون نيڪيون حاصل ڪرڻ وارا اُهي هوندا جن جون دنيا ۾ دليون ڏکايون ۽ حق ڦٻايا ويا هوندا۔ ايئن قيامت جي ڏينهن مظلوم ۽ ڏکايل فائدي ۾ رهندا۔

حقوقُ العباد! آہ! ہوگا مِرا کیا!

 

کرم مجھ پہ کر دے کرم یاالٰہی!

بڑی کوششیں کی گنہ چھوڑنے کی

 

رہے آہ! ناکام ہم یاالٰہی!

مجھے سچی توبہ کی توفیق دیدے

 

پئے تاجدارِ حرم یاالٰہی!

(وسائلِ بخشش مُرمّم،ص110)

صَـــلُّـــوْا  عَـــلَـی   الْــحَـــبِــيْــب!                صَـلَّـی اللهُ   تَعَالٰـی عَلٰی   مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻانهن جي حقن جو معاملو واقعي ڏاڍو نازڪ آهي،. اسان کي ان باري ۾ هر وقت محتاط رهڻ گهرجي. جيڪڏهن ڄاڻي واڻي يا ڀُل ۾ڪنهن مسلمان جا حق تلف ٿي وڃن ته فوراً توبھ ڪندي صاحبِ حق کان معافي به وٺڻ گهرجي. حقوق الله سچي توبھ سان معاف ٿي ويندا آهن، جڏهن ته ٻانهن جي حقن کان توبھ سان گڏو گڏ جنهن جو حق ماريو آهي، ان کان به مُعافي وٺڻ به ضروري آهي. اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ارشاد فرمائن ٿا: حق ڪنهن به قسم جو هجي، جيستائين صاحبِ حق معاف نه ڪري، معاف ناهي ٿيندو. حقوق الله ۾ ته ظاهر (آهي) الله عَزَّوَجَلَّ کان سواءِ ٻيو ڪير معاف ڪرڻ وارو ٿي سگهي ٿو جو (قرآن پاڪ ۾ آهي)
وَ مَنۡ یَّغۡفِرُ الذُّنُوۡبَ اِلَّا اللّٰہُ (ترجمو؛ )

.....................................................ترجمو......................

 ۽ ٻانهن جي حقن ۾الله تعاليٰ اهو ئي  ضابطو  مقّرر فرمائي رکيو آهي جو جيستائين اُهوٻانهو معاف نه ڪري، معاف نه ٿيندو. موليٰ تعاليٰ اسان