Yazeed ka bura kirdar

Book Name:Yazeed ka bura kirdar

حڪم وڌيڪ سخت هوندو) اهڙي طرح ان موبائل فون تي سيٽ ڪئي وئي موسيقي جي ڌنن سان ۽ گاني جي بيهوده آوازن سان مسجدن جو اِحتِرام ۽ تقدُّس پامال ٿيندو آهي، مسجد جي پُرڪيف ماحول ۾ ذِڪر و اَذڪار، تلاوتِ قرآن ۽ سنّتن ڀريا درس و بيان ڪرڻ ٻڌڻ وارن جي توجّه ۽ ڪيف و سُرور مُتَاَثِّر ٿيندو آهي ايستائين جو پنهنجي يا ڪنهن ٻئي جي موبائل جي وجه سان نماز جهڙي اَهم عبادت جي به خُشُوع و خُضُوع سان ادائيگي دُشوار ٿي ويندي آهي

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! گانا ٻڌڻ ناجائز ۽ حرام ۽ جهنَّم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي۔احاديثِ مُبارَڪه ۾ ان بُري فعل جي مُمانعت بيان ٿي آهي۔ اچو! ان باري ۾ 3 روايتون ٻڌون ٿا۔

(1)      جيڪو ڳائڻ واريءَ وٽ ويهندو (۽) ڪن لڳائي ڪري ڌيان سان ٻڌندو ته الله عَزَّوَجَلَّ قيامت جي ڏينهن ان جي ڪنن ۾ شيهو وجهندو۔“

(ڪنزُ العُمّال ج ١٥ص ٩٦،حديث:۴۰۶۶۲)

(2)      گانن باجن کان پنهنجو پاڻ کي بچايو ڇو ته اهي شهـوت کي ڀڙڪائيندا ۽ غيرت کي برباد ڪندا آهن ۽ هي شراب جا قائم مقام آهن، ان ۾ نشي جهڙو تاثير آهي.(تفسيردرمنثور ج٦ ص ٥٠٦،شعب الْايمان ج٤ص٢٨٠ حديث٥١٠٨)

(3) گانو ۽ لهو دل ۾ اهڙي طرح نفاق پيدا ڪندو آهي جهڙي طرح پاڻي ساوڪ پيدا ڪندو آهي قسم آهي ان مقدس ذات جو جنهن جي قبضي قدرت ۾ منهنجي جان آهي! بيشڪ قرآن ۽ ذڪرالله ضرور دل ۾ اهڙي طرح ايمان پيدا ڪندا آهن جهڙي طرح پاڻي سائو گاهه پيدا ڪندو آهي.” (فردوس الاخبار،۲/۱۰۱،حديث:۴۲۰۴)