Yazeed ka bura kirdar

Book Name:Yazeed ka bura kirdar

ماڻهن جي اِصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي"۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

کرم سے "نیکی کی دعوت" کا خُوب جذبہ دے

دُوں دُھوم سُنّتِ محبوب کی مچا یا ربّ

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان چاهيون ٿا ته دوا به نه کائون ۽ مرض مان شِفا به ملي وڃي، مڃيوسين ته مُعاشي خوشحالي جي لاءِ سڄي مُعاشري کي وياج ۽ ٻين بُرائين کان پاڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي پر ياد رکو! مُعاشرو فرد سان ٺهندو آهي، جيستائين اسان پنهنجي اصلاح جي ڪوشش نه ڪنداسين، سڄي مُعاشري جي اصلاح ڪيئن ٿيندي؟۔ اچو هاڻي وياج جي مذمّت تي چند روايتون ٻڌون ٿا۔

1.      ”بيشڪ وياج (جي گناھ) جا 70 حصا آهن. انهن مان ننڍي ۾ ننڍو ائين آهي، جيئن ڪو مرد پنهنجي ماءُ سان زنا ڪري. (سنن ابن ماجة ،ابواب التجارات ، باب التغليظ في الربا ،۳/۷۲،الحديث: ۲۲۷۴)

2.    (ظاهري طور تي) وياج جيتوڻيڪ وڌندو ئي هجي، آخرڪار انهيءَ جو انجام گهٽتائيءَ تي ٿئي ٿو. ( المسند للامام احمد بن حنبل ، مسند عبدالله بن مسعود ، الحديث: 4026، ج2،ص 109)

3.      قيامت جي ڏينهن وياج خور کي انهيءَ حال ۾ اٿاريو ويندو جو هو چريو ۽ بدحواس هوندو. (المعجم الڪبير، عوف بن مالڪ، الحديث:110، ج18، ص60)

4.      جنهن قوم ۾ وياج ڦهلجي ٿو، انهيءَ قوم ۾ پاڳل پن ڦهلجي ٿو. ( ڪتاب الڪبائر للذھبي، الڪبيرة الثانية عشرة، ص 70)

فرمانِ مصطفيصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: مِعراج جي رات مان هڪ اهڙي قوم وٽان گذريس، جن جا پيٽ ڪمرن وانگر (وڏا وڏا) هئا، جن ۾ نانگ پيٽن جي