Yazeed ka bura kirdar

Book Name:Yazeed ka bura kirdar

کي ان بي دِين عَلانِيه عام ڪيو، مدينه طيبه ومڪه مڪرمه جي بي حُرمتي ڪرائي، صحابَه ڪرام ۽ اهلِ بيتِ اَطهار کي ظُلم وسِتم کان پوءِ شهيد ڪرايو، گانا باجا ٻڌڻ، خُوب شراب پيئڻ، نماز نه پڙھڻ، الغرض اهو بد بخت هر اهو ڪم ڪندو هو، جنهن کان شريعت سڳوري منع ڪيو هو۔ يقيناً انسان عزّت وشهرت، مال ودولت ۽ حڪومت ملڻ سان سرڪش ۽ بي باڪ بڻجي ويندو آهي ۽ پوءِ آهسته آهسته دين کان پري ۽ دُنيا کي گھڻو ويجھو ٿي ويندو آهي، پنهنجي تخت ۽ تاج جي لاج رکڻ جي لاءِ الله عَزَّ وَجَلَّ جي نافرمانين ۽ ان جي پيارن جي گُستاخين کان به ناهي مڙندو۔ يزيد پليد به اِقتِدار و حڪومت جي مَحَبَّت ۾ مبُتلا ٿي اهڙو سَرڪش ٿيو جو مَعَاذَ الله عَزَّوَجَلَّ صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي شان ۾ گستاخيون ڪيون، انهن کي تڪليفون ڏنيون، انهن جي دل ڏکائي حالانڪ صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان ته اهي مقدّس هستيون آهن، جن جي شان ۽ عظمت جي باري ۾ خود سُلطانِ دو جهان، رَحمتِ عالميان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: اَكْرِمُوا اَصْحَابِي فَاِنَّهُمْ خِيَارُكُمْ يعني منهنجي صحابه (عَلَيهمُ الرِّضْوَان) جي عزّت ڪيو ڇو ته اهي توهان مان وڌيڪ نيڪ آهن۔ (مشڪاة المصابيح، ڪتاب المناقب، باب مناقبالصحابة، ۲/۴۱۳،حديث: ۶۰۱۲)  مزيد فرمايائون: ”خَيْرُ اُمَّتِي اَلْقَرْنُ الَّذِينَ يَلُوْنِي ثُمَّ الَّذِينَ يَلُوْنَهُمْ ثُمَّ الَّذِينَ يَلُوْنَهُمْ   يعني منهنجي اُمّت مان سڀ کان بهتر منهنجي زماني وارا آهن (يعني صحابه ڪرام
 
عَلَيهمُ الرِّضْوَان) پوءِ ان کان بعد وارا (يعني تابعين) پوءِ بعد وارا آهن (تبعِ تابعين رَحْمَة الله تَعاليٰ عَلَيهمْ اَجْمَعِين۔)(مسلم،ڪتاب فضائل الصحابه باب فضائل الصحابه...الخ ،ص،حديث: ۱۳۷۲)

نمایاں ہے اسلام کے گلستاں میں

 

ہر اک گل پہ رنگِ بہارِ صحابہ

یہ مہریں ہیں فرمان ِخَتمُ الرُّسُل کی

 

ہے دِینِ خدا شاہکارِ صحابہ

انہیں میں ہیں بدر واُحد کے مجاہد

 

لقب جن کا ہے جاں نثارِ صحابہ

 

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد