Huzor ka bachpan

Book Name:Huzor ka bachpan

دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري

اِجتِماع پڙهيا ويندڙ درود شريف

﴿1جمعه جي رات جو دُرُود

اَللّٰہُمَّ صَلِّ وَسَلِّم وَبَارِک عَلٰي سَيدِنَامُحَمَّدِنِالنَّبِي الاُمِّي

الحَبِيبِ العَالِي القَدرِالعَظِيمِ الجَاہِ وَعَلٰي اٰلِہٖ وَصَحبِہٖ وَسَلِّم

بزرگن فرمايو آهي ته جيڪو شخص هر جمعرات (جمعه ۽ خميس جي وچين رات) هن دُرُود شريف کي پابندي سان گھٽ مان گھٽ هڪ ڀيرو پڙهندو موت جي وقت سرڪار مدينه صَلَّي اللّٰہُ تَعَالٰي عَلَيہِ واٰلِہٖ وَسَلَّمَ جي زيارت ڪندو ۽ قبر ۾ داخل ٿيندي وقت اهو به ڏسندو ته سرڪار مدينه صَلَّي اللّٰہُ تَعَالٰي عَلَيہِ واٰلِہٖ وَسَلَّمَ ان کي پنهنجي هٿن سان قبر ۾ داخل ڪري رهيا آهن، ([1])

﴿2﴾ سمورا گُناھ مُعاف

اَللّٰہُمَّ صَلِّ عَلٰي سَيدِ نَا وَمَولَانَا مُحَمَّدٍ وَّعَلٰي اٰلِہٖ وَسَلِّم

حضرتِ سيدُنا انس رَضِياللّٰہُ تَعَالٰي عَنہُ کان روايت آهي ته تاجدارِمدينہ صَلَّي اللّٰہُ تَعَالٰي عَلَيہِ واٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو :جيڪو شَخص اهو دُرُود شريف پڙهي جيڪڏهن بيٺل هو ته ويهڻ کان پهريان ۽ ويٺل هو ته بيهڻ کان پهريان، ان جا گناھ معاف ڪيا ويندا.([2])


 

 



[1]افضل الصلوات علی سید السادات، الصلاۃ السادسۃ والخمسون،ص151ملخصًا

[2]افضل الصلوات علی سید السادات،الصلاۃ الحادیۃ عشرۃ، ص 65