Book Name:Huzor ka bachpan
﴿3﴾رَحمت جا ستّر دروازا
صَلَّي اللّٰہُ عَلٰي مُحَمَّد
جيڪو اهو دُرُود شريف پڙهندو آهي ان تي رحمت جا ستر دروازا کوليا ويندا آهن.([1])
﴿4﴾ڇھ لک دُرُودشريف جو ثواب
اَللّٰھُمَّ صَلِّ عَلٰي سَيدِنَامُحَمَّدٍعَدَدَمَافِي عِلمِ اللّٰہِصَلَاة دَآئِمَة ۢبِدَوَامِ مُلکِ اللّٰہ
حضرت اَحمدصاوِي عَلَيہِ رَحمَة اللّٰہ ِالہَادِي ڪن بُزرگن کان نقل ڪن ٿا هن دُرُود شريف کي هڪ ڀيرو پڙهڻ سان ڇھ لک دُرُودشريف پڙهڻ جو ثواب حاصل ٿيندو آهي. ([2])
﴿5﴾قُربِ مُصطَفٰي صَلَّي اللّٰہُ تَعَالٰي عَلَيہِ واٰلِہٖ وَسَلَّمَ
اَللّٰہُمَّ صَلِّ عَلٰي مُحَمَّدٍکَمَا تُحِبُّ وَتَرضٰي لَہٗ
هڪ ڏينهن هڪ شَخص آيو ته حُضُورِ اَنورصَلَّي اللّٰہُ تَعَالٰي عَلَيہِ واٰلِہٖ وَ سَلَّمَ ان کي پنهنجي ۽ صِدّيقِ اڪبر رَضِياللّٰہُ تَعَالٰي عَنہُ جي وچ ۾ ويهاريو، انهي سبب صَحابَه ڪرام رَضِياللّٰہُ تَعَالٰي عَنہُم کي تَعَجُّب ٿيو ته اهو مرتبي وارو شخص ڪير آهي جڏهن اهو هليو ويو ته سرڪار مدينه صَلَّي اللّٰہُ تَعَالٰي عَلَيہِ واٰلِہٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: اهو جڏهن مون تي دُرُودِ پاڪ پڙهندو آهي ته ائين پڙهندو آهي.([3])