Ghous-e-Pak ka Ilmi Martaba

Book Name:Ghous-e-Pak ka Ilmi Martaba

اَلۡحَمۡدُ لِلّٰہِ رَبِّ الۡعٰلَمِیۡنَ وَالصَّلٰوة وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الۡمُرۡسَلِیۡنط

اَمَّا بَعۡدُ! فَاَعُوۡذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیۡطٰنِ الرَّجِیۡم ط بِسۡمِ اللّٰہِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِیۡمط

غوثِ پاڪ  جو علمي رتبو

اَلصَّلٰوة وَ السَّلَامُ عَلَیۡكَ یَا رَسُولَ اللہ

 

وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصۡحٰبِكَ یَا حَبِیۡبَ اللہ

اَلصَّلٰوة وَ السَّلَامُ عَلَیۡكَ یَا نَبِیَّ اللہ

 

وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصۡحٰبِكَ یَا نُوۡرَ اللہ

نَـوَيتُ سُنَّتَ الاِعتِکاف
 (مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

جڏهن به مسجد ۾ داخل ٿيو، ياد اچڻ تي نفلي اعتڪاف جي نيّت ڪري وٺو، جيستائين مسجد ۾ رهندؤ نفلي اعتڪاف جو ثواب پڻ ملندو رهندو ۽ ضمنًا مسجد ۾ کائڻ پيئڻ به جائز ٿي ويندو۔

دُرُودِپاڪ جي فضيلت

      حضرت سَيدُنا ابوطلحه انصاري رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه کان روايت آهي ته هڪ ڀيرو صبح جي وقت رسولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي چهري تي خُوشي جا آثار ظاهر هئا، صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان عرض ڪيو؛ يارسولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اڄ اوهان نهايت خُوش نظر اچو پيا؟ فرمايائون مون وٽ منهنجي رَبّ عَزَّ وَجَلَّ جي طرفان هڪ اچڻ وارو آيو ۽ مون کي عرض ڪيو ته اوهان جو اُمّتي اوهان تي هڪ ڀيرو دُرودِ پاڪ پڙھندو، اللهعَزَّ وَجَلَّ ان جي لاءِ ڏھ (10) نيڪيون لکندو، ان جا ڏھ (10) گُناھ مٽائيندو ۽ ان جا ڏھ (10) درجا بلند فرمائيندو ۽ ان تي ايتري ئي رحمت موڪليندو۔ (مسند احمد ، حدیث ابی طلحۃ ، رقم ۱۶۳۵۲،ج۵،ص۵۰۹)