Book Name:Ghous-e-Pak ka Ilmi Martaba

جي باري ۾ خبر هئي، جنهن سان حُضُور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه جي علمي سمنڊ جي بي پناھ اونهائي جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو۔

مَظْہرِ عظمتِ غفّار ہیں غوثِ اعظم

مُظْہِرِ رِفْعَتِ جبّار ہیں غوثِ اعظم

نائبِ احمدِ مُختار ہیں غوثِ اعظم

اور سب ولیوں کے سردار ہیں غوثِ اعظم

 

سُلطانِ ولايت

غوثِ پاڪ

درياءِ ڪرامت

غوثِ پاڪ

ولين تي حڪومت

غوثِ پاڪ

فرماؤ حمايت

غوثِ پاڪ

مرحبا يا غوثِ پاڪمرحبا يا غوثِ پاڪمرحبا يا غوثِ پاڪ

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

(۱)سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بِشارت

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!  غوثِ صَمداني، شَهبازِ لَامَڪاني، قِنديلِ نُوراني، حضرتِ سَيدُنا شيخ عبدُالقادر جيلاني اَلۡحَسَني وَالۡحُسيني رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه پهرين رَمَضان المبارڪ جمعةُ المُبارَڪ جي ڏينهن 470 سنِ هجري جو بغداد شريف جي ويجھو واري وسندي جِيلان ۾ پيدا ٿيا۔ (بہجۃ الاسرار،ص۱۷۱بتغیر قلیل) مڪتبةُ المدينه جي شايع ٿيل 106 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”  غوثِ پاک کے حالات‘‘ جي صفحي نمبر 21 تي آهي۔ محبوبِ سُبحَاني، شيخ عبدُالقادر جِيلاني رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه جي والدِ ماجد حضرت سَيد ابُو صالح مُوسيٰ جنگي دوست رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه حُضُور غوثِ اَعظم رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه جي وِلادَت جي رات مُشَاهدو ڪيو ته سَروَرِ ڪائنات، فَخرِ مَوجُودات صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم صحابه ڪرام ۽ اَولياءِ عِظام رِضْوَانُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيهمْ اَجْمَعِين سان گڏ سندن گھر جَلوه اَفروز ٿيا ۽ اُنهن کي هن بِشارت سان نوازيو: اي ابُو صالح! الله عَزَّ وَجَلَّ توهان کي اهڙو فَرزَند (پٽ) عطا فرمايو آهي، جيڪو وَلي آهي