Book Name:Ghous-e-Pak ka Ilmi Martaba

۽ اهو منهنجو ۽ الله عَزَّوَجَلَّ جو مَحبُوب آهي ۽ انهن جي شان ،ولين ۽ قطبن ۾ اهڙو ئي هوندو، جهڙو شان  اَنبياء ۽ مُرسَلين عَلَيهمُ السَّلَام ۾ منهنجو آهي۔ (سیرتِ غوث الثقلین،ص۵۵بحواله تفریح الخاطر)

آپ ہیں پِیروں کے پِیر اور آپ ہیں روشن ضمیر

آپ شاہِ اَتْقِیا یا غوثِ اعظم دَسْتْ گِیر

اَولیاء کی گردنیں ہیں آپ کے زیرِ قدم

یا اِمامَ الاولیاء یا غوثِ اعظم دَسْتْ گِیر

 

فانوسِ هدايت

غوثِ پاڪ

سرتاپا شرافت

غوثِ پاڪ

سرتاجِ شريعت

غوثِ پاڪ

ھیں مخزنِ عظمت       

غوثِ پاڪ

مرحبا يا غوثِ پاڪمرحبا يا غوثِ پاڪمرحبا يا غوثِ پاڪ

(۲)اَنبياء ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام جون بِشارتون

حضور غوث پاڪ  رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه جي والد صاحب کي نبي ڪريم، رؤف و رحيمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان عِلاوه به سڀني نبين سڳورن عَلَيهمُ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام  هي بِشارت ڏني ته تمام اَولياءُالله توهان جي فَرزَندِ اَرجُمَند جا فرمانبردار ٿيندا ۽ انهن جي گردنن تي سندن مُبارَڪ قدم هوندو۔ (تفریح الخاطر،ص ۵۷،مفہوماو ملخصاً)

جس کی مِنْبر بنی گردنِ اَوْلیا

اُس قَدم کی کَرامت پہ لاکھوں سَلا م

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!  اوهان ڏٺو ته اسان جي غوثِ پاڪ، شهنشاھ بغداد
رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه جو شان ۽ مان ڪيتري قَدَر اوچو ۽ بُلند آهي جو پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه جي پيدا ٿيندي ئي غَيب ٻڌائڻ واري آقا، مڪي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه جي بُلند مَرتبي ۽ شان ۽عَظَمت جي بِشارت ڏئي ڇڏي هئي ۽ حُضُور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه جي والدِ مُحتَرم کي اهو به ٻڌايو هو ته توهان جو فرزند سمورن ولين جو سردار ٿيندو.جيئن ته پاڻ رَحْمَةُ الله تَعَالىٰ عَلَيه جي پيدا ٿيندا ئي برڪات