Book Name:Buzurgan e Deen Ka jazba e Islah e Ummat
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
وُضُو ڪرڻ واري جي اِصلاح
هڪ بزرگ بغداد شريف جي ڪنهن علائقي کان لنگھي رهيا هئا، انهن هڪ نوجوان کي ڏٺو جيڪو چڱي نموني وضو نه ڪري رهيو هو ته پيار ڀري انداز سان ان کي فرمايائون: ”اي نوجوان! وضو ٺيڪ ڪريو، الله عَزَّوَجَلَّ دنيا ۽ آخرت ۾ اوهان تي احسان فرمائي“ اهو فرمائي هو هليا ويا، اهي نوجوان ان بزرگ جي نيڪي جي دعوت ڏيڻ جي مٺي انداز سان بيحد متاثر ٿيا ۽ وضو کان پوءِ ان بزرگ جي خدمت ۾ حاضر ٿي نصيحت جا طالب ٿيا، انهن (نيڪي جي دعوت ڏيندي) ٽي مدني گل ارشاد فرمايا؛ (1) ڄاڻي وٺو! جنهن ربِّ ڪائنات جي مَعرفت (يعني الله تعالـٰي کي سڃاتو) انهيءَ نجات حاصل ڪئي (2) جنهن پنهنجي دين جي معاملي ۾ خوف ڪيو (يعني الله تعالـٰي کان ڊپ ڪيو) اهو تباهي کان بچي ويو (3) جنهن دنيا ۾ زُهد (يعني بي رغبتي) اختيار ڪئي اهو الله عَزَّوَجَلَّ جي طرفان سڀاڻي يعني حشر جي ڏينهن جڏهن ثواب ڏسندو ته ان جون اکيون ٿڌيون ٿينديون، (وري فرمايائون) ڇا وڌيڪ نه ٻڌايان؟ عرض ڪيو: ضرور ارشاد فرمايو، فرمايائون: جنهن ۾ ٽي خوبيون گڏ ٿي ويون ان جو ايمان مڪمل ٿي ويو: 1 جيڪو نيڪي جو حڪم ڏي ۽ پاڻ به ان تي عمل ڪري 2 برائي کان منع ڪري ۽ پاڻ به ان کان پاسو ڪري ۽ 3 جيڪو الله جي حدن جي حفاظت ڪري. (يعني شرعي احڪامن تي عمل ڪري ۽ شرعي ممنوعات کان پاڻ کي به بچائي) وري فرمايائون: ڇا ڪجھ ٻيو به ٻڌايان؟ عرض ڪيائين: ڇو نه ضرور ارشاد فرمايو؛ دنيا کان بي رغبتي ۽ آخرت جو شوق رکڻ وارا ٿي وڃو ۽ پنهنجي هر ڪم ۾ ربُّ الانام عَزَّوَجَلَّ سان سچ جو معاملو ڪيو، نجات ماڻڻ وارن سان گڏ نجات ماڻي وٺندو، اهو فرمائي پاڻ هليا ويا، ان نوجوان ان بزرگ جي باري ۾ معلومات ڪئي ته