Book Name:Buzurgan e Deen Ka jazba e Islah e Ummat
تَصَوُّر نه ڪندو هوندو۔ پنهنجي پاڻ کي اِصلاح شُده سمجھڻ يقيناً ناداني آهي۔
شَيخِ طَرِيقَت، اَمِيرِ اَهلسُنّت، باني دَعوتِ اِسلامي حضرت علّامه مَولانا ابُو بلال محّمد الياس عطّارقادِرِي رَضَوِي ضِيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه فرمائن ٿا: ”ماڻهن تي درس ۽ بيان جو اَثَر نه ٿئي ته انهن کي سَخت دل سمجھڻ يا چوڻ جي بدران پنهنجي اِخلاص جي ڪمي تَصَوُّر ڪري اِستِغفَار ڪيو۔“ اسان جو ڪم فَقَط ٻين اِسلامي ڀائرن تائين سهڻي اَنداز ۾ اِنفِرادي ڪوشِش ڪري نيڪي جي دَعوَت پهچائڻ آهي، انهن کي عَمَل جي تَوفِيق ڏيڻ واري ذات ته ربِّ ڪائنات عَزَّوَجَلَّ جي آهي۔ تنهنڪري پنهنجي ڪوشِش جو ڪو نتيجو نه نڪرڻ تي هرگز دِل نه لاهيو، بلڪ ان کي پنهنجي اِخلاص جي ڪمي تَصَوُّر ڪندي رِضاء اِلٰهي جي لاءِ اِنفِرادي ڪوشِش جو سِلسِلو جاري رکو ۽ الله تعاليٰ سان دُعا ڪندا رهو۔ ان سان گڏوگڏ غَور ڪيو ته مايوسي جو شِڪار ٿي ڪٿي اسان شَيطان جي وار کي ڪامياب ته نه پيا ڪيون؟ ۽ ڇا ڪڏهن دُنيوِي فَائدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪيل ڪوشِشن جي ناڪام ٿيڻ تي اسان ان کي به مُڪمَّل طور تي تَرڪ ڪيو؟ جيڪڏهن جواب نَفِي ۾ هجي ته پاڻ کي سنڀاليو ۽ مايوسي کان دامَن ڇڏائي اِنفِرادي ڪوشِش جو سِلسِلو ٻيهر شُروع ڪري ڇڏيو۔ اي ڪاش! اسان سڀني جو اهڙو ئي مدني ذِهن بڻجي وڃي ۽ اسان عِشق ِرَسُول ۾ گم ٿي خَوفِ خُدا وَندي سان ڏڪندي اهڙو بيان ڪرڻ وارا بڻجي وڃون جو خدا جي مخلوق جي اِصلاح جا سلسلا ٿين، مسجدون آباد ٿين، گناھن جو زور ختم ٿي وڃي۔
هي اميراهلسنت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي اِخلاص ئي جي بَرَڪت آهي جو سندن مُبارَڪ زبان مان نڪرڻ وارا لفظ تاثِير جو تِير بڻجي دِل ۾ لهي ويندا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ اڳلن گُناهن تي نَدامَت مَحسوس ٿيندي آهي ۽ تَوبَه جي تَوفِيق ملندي آهي، نماز جي ادائيگي تي اِستِقَامت نصيب ٿيندي آهي، دِل ۾