Book Name:Buzurgan e Deen Ka jazba e Islah e Ummat
سینہ تِری سُنَّت کا مدینہ بنے آقا |
|
جنّت میں پڑوسی مُجھے تُم اپنا بنانا |
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
منڊي پائڻ جون سُنتون ۽ آداب
اچو!شَيخِ طَرِيقت، اَمِيرِاَهلسُنَّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رِسالي ”163 مَدَني گُل“ مان منڊي جون ڪجھ سُنّتون ۽ آداب ٻڌون ٿا۔ ³ مرد کي سون جي منڊي پائڻ حرام آهي ـ سروَرِ ذيشان، رحمتِ عالمِيان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سون جي منڊي پائڻ کان منع فرمايو آهي ۔ (بخاري،۴ /۶۷ ، حديث: ۶۳ ۸ ۵) ³ (نابالغ) ڇوڪر کي سون جا زيور پارائڻ حرام آهي ۽ جنهن پارايا اهو گنهگار ٿيندو۔ (بهارِ شريعت،۳/۴۲۸،دُرِّمُختارو رَدُّالْمُحتار،۹/۵۹۸)،³ لوهه جي منڊي جهنّمين جو زيور آهي۔ (ترمذي، ۳/ ۳۰۵،حديث:۱۷۹۲) ³ مرد جي لاءِ اها منڊي جائز آهي جيڪا مردن جي منڊي وانگر هجي يعني هڪ نگيني جي هجي ۽ جيڪڏهن ان ۾ (هڪ کان وڌيڪ يا) گھڻا نگينا هجن ته پوءِ کڻي چاندي جي هجي مَردن لاءِ ناجائز آهي (رَدُّالْمُحتار،۹/۵۹۷)³ بغير نگيني واري منڊي پائڻ ناجائز آهي جو هي منڊي ناهي، ڇلو آهي ³ جيڪڏهن ڪنهن اسلامي ڀاءُ ڌاتو ڪڙو يا ڌاتو ڇلو، ناجائز منڊي يا ڌاتو جي زنجير (Chain-Bracelet) پاتل آهي ته هينئر جو هينئر لاهي ڇڏيو، توبهه به ڪري ڇڏيو ۽ آئنده نه پائڻ جو عهد به ڪيو.
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب “بهار شريعت” حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب “سنتیں ۽ آداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان