Book Name:Fazilat ka Miyar Taqwa hay
مسخري ڪندڙين کان بهتر هجن ۽ هڪ ٻئي کي طعنا نه هڻو ۽ هڪ ٻي جا خراب نالا نه رکو ڪهڙو نه برو نالو آهي مسلمان ٿي ڪري فاسق چورائڻ ۽ جن توبهه نه ڪئي ته اهي ئي ظالم آهن۔
هن آيتِ مقدسه تحت تفسيرِ خازن ۾ آهي ته حضرت سَيدُنا عبدُ الله بن عباس رَضِى الله تَعَالٰى عَنْهمَا فرمائن ٿا: حضرت ثابت بن قيس رَضِیَ الـلّٰـهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ڪجھ وڏي آواز سان ٻڌندا هئا ان ڪري جڏهن اهي رحمت عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مجلس شريف ۾ حاضر ٿيندا هئا ته صحابه ڪرام رَضِى الله تَعَالٰى عَنْهم انهن کي اڳتي ويهاريندا هئا ۽ جڳھ خالي ڪندا هئا، ته جيئن حضورِ اَقدسصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ويجھو ويهي ڪلام مبارڪ ٻڌن، هڪ ڏينهن انهن کي حاضري ۾ دير ٿي ۽ جڏهن حاضر ٿيا ته مجلس ڀرجي چڪي هئي ۽ قاعدو هي هو ته جيڪو شخص اهڙي وقت ايندو هو ۽ جڳھ نه ملندي هئي ته جتي هوندو هو اتي بيهي رهندو هو، پر حضرت ثابت رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه ايندي ئي رسولِ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي قريب ويهڻ جي لاءِ ماڻهن کي هٽائيندي اهو چيائون ته ”جڳھ ڏيو جڳھ ڏيو“ ايستائين جو حضور انورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ايتري ويجھو پهچي ويا جو سندن ۽ حضور پُرنورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي وچ ۾ صرف هڪ شخص رهجي ويو، ايستائين انهن هن کي به چيو ته چيائون ته جڳھ ڏيو، ان چيو: توهان کي جڳھ ملي وئي آهي ان ڪري ويهي رهو۔ حضرت ثابت رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه ڪاوڙ ۾ اچي ان جي پويان ويهي رهيا۔ جڏهن ڏينهن خُوب روشن ٿيو ته حضرت ثابت رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه ان جو جسم دٻائي چيو: ڪير؟ ان چيو: مان فلاڻو شخص آهيان۔ حضرت ثابت رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه ان جي ماءُ جو نالو وٺي چيائون: فلاڻي جو پٽ۔ ان تي ان شخص شرم وچان مٿو جھڪائي ورتو ڇوته ان زماني ۾ اهڙو جملو عار ڏيارڻ جي لاءِ چيو ويندو هو، ان تي اها آيت نازل ٿي۔(تفسيرخازن،پ۲۶،الحجرات،تحت الآية:۱۱،۴/۱۶۹ملخصاً)
حضرت سيدُنا اِمام احمدبن حَجَر مَڪي شَافِعِي رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه هن آيت تحت