Book Name:Fazilat ka Miyar Taqwa hay
انهيءَ منع ۾داخل آهي، اهڙي طرح ڪنهن مسلمان کي ڪتو، گڏھ، سوئر چوڻ به منع آهي يا ڪنهن مسلمان کي اهڙي لقب سان ياد ڪرڻ جنهن ۾ ان جي برائي ظاهر ٿيندي هجي ان کي ناگواري ٿيندي هجي اهي سڄيون صورتون به ان منع ۾ داخل آهن۔ (خزائن العرفان ص 930، پ 26 الحجرات؛ 11) ۽ حضرت عبدالله بن مسعود رَضِیَ الـلّٰـهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمايو ته جيڪڏهن مان ڪنهن کي حقير سمجھي ان تي ٺٺول ڪيان ته مون کي ڊپ لڳي ٿو ته مون کي اللهعَزَّوَجَلَّ ڪتو نه بڻائي ڇڏي۔ (تفسير صاوي، پ۲۶، الحجرات:۱۱،۵/۱۹۹۴)(عجائب القرآن مع غرائب القرآن،ص۳۸۹بتغير)
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ٻڌو ته پنهنجي پاڻ کي ٻين کان افضل سمجھڻ، مُتَّقي مُسلمانن کي بلا وجه شرعي حقير ۽ ڪم تَر سمجھڻ يا ڪنهن به نموني انهن جو مذاق اُڏائڻ ڪيتري قدر هلاڪت خيز آهي، تنهنڪري جيڪڏهن ڪو شخص ان مُوذي مرض ۾ مُبتَلا آهي ته ان کي کپي ته هوشمندي جو مُظاهرو ڪندي پنهنجي پاڻ کي عاجزي ۽ اِنڪساري جو پيڪر بڻائي، ڪنهن کي افضل ۽ غير افضل قرار ڏيڻ جو اِختيار الله عَزَّوَجَلَّ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي حوالي ڪري ڇڏي، اڄ تائين جيترن مسلمانن کي حقير سمجھي انهن جي دل آزاري جو گُناھ پنهنجي مٿي تي کنيو آهي جيڪڏهن ممڪن هجي ته انهن کي ڳولي انهن سان مُعافي تلافي جي ترڪيب ڪري، گڏوگڏ بارگاھ الٰهي ۾ به توبه ۽ اِستِغفار ڪري ان آفت مان ڇُوٽڪاري جي لاءِ دُعا به ڪندو رهي، خبردار! خبردار! جيڪڏهن ڪنهن مُتَّقي مسلمان کي بظاهر خلافِ مُروَّت ڪم ڪندي ڏسو ته هرگز دل ۾ بدگُماني نه ڪريو جو ان طرح ڪنهن قسم جو فائدو ملڻ ته پري جي ڳالھ آهي اڪثر شرمندگي ئي کڻڻي پوي ٿي۔ اچو! هن سلسلي ۾ ٻه سبق آموز حڪايتون ٻڌون ٿا ۽ عبرت جا مدني گل گڏ ڪيون ٿا،