Book Name:Na-Mehramon say mel jol ka wabaal

هُن اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ وَرَحْمَۃُ الله چيو ته هي وَعَلَیْکُمُ السَّلامُ وَرَحمَۃُ الله وَ بَرَکَاتُہٗ چوي ۽ جيڪڏهن ان وَبَرَکَاتُہٗ تائين چيو ته هي به ايترو ئي چوي ان کان وڌيڪ ناهي۔ واللهُ تعاليٰ اَعلم (9) اهڙي طرح جواب ۾ وَعَلَیْکُمُ السَّلامُ وَرَحْمَۃُ الله وَبَرَکاتُہٗ چئي 30 نيڪيون حاصل ڪري سگھجن ٿيون (10) سلام جو جواب جلدي ۽ ايڏي آواز سان ڏيڻ واجب آهي جو سلام ڪرڻ وارو ٻڌي وٺي (11) سلام ۽ سلام جي جواب جو صحيح تَلَفُّظ ياد ڪري وٺو۔ پهريان مان چوان ٿو اوهان ٻڌي دُهرايو: اَلسَّلامُ عَلَیکُمْ (اَسْ۔سَلامُ۔عَلَیْ۔کُمْ) هاڻي پهريان مان جواب ٻڌايان ٿو پوءِ اوهان دُهرايو: وَعَلَیکُمُ السَّلام (وَعَلَیْکُ۔ مُسْ ۔سَلَام)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب “بهار شريعت” حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب سنتیں اور آداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

سیکھنے سنّتیں قافلے میں چلو             لُوٹنے رَحمتیں قافلے میں چلو

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                             صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد