Na-Mehramon say mel jol ka wabaal

Book Name:Na-Mehramon say mel jol ka wabaal

﴿3رَحمت جا ستّر دروازا

صَلَّي اللّٰہُ عَلٰي مُحَمَّد

جيڪو اهو دُرُود شريف پڙهندو آهي ان تي رحمت جا ستر دروازا کوليا ويندا آهن.([1])

﴿4ڇھ لک دُرُودشريف جو ثواب

اَللّٰھُمَّ صَلِّ عَلٰي سَيدِنَامُحَمَّدٍعَدَدَمَافِي عِلمِ اللّٰہِصَلَاة دَآئِمَة ۢبِدَوَامِ مُلکِ اللّٰہ

حضرت اَحمدصاوِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڪن بُزرگن کان نقل ڪن ٿا هن دُرُود شريف کي هڪ ڀيرو پڙهڻ سان ڇھ لک دُرُودشريف پڙهڻ جو ثواب حاصل ٿيندو آهي. ([2])

﴿5 قُربِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

اَللّٰہُمَّ صَلِّ عَلٰي مُحَمَّدٍکَمَا تُحِبُّ وَتَرضٰي لَہٗ

هڪ ڏينهن هڪ شَخص آيو ته حُضُورِ اَنور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي پنهنجي ۽ صِدّيقِ اڪبر رَضِياللّٰہُ تَعَالٰي عَنہُ جي وچ ۾ ويهاريو، انهي سبب صَحابَه ڪرام رَضِياللّٰہُ تَعَالٰي عَنہُم کي تَعَجُّب ٿيو ته اهو مرتبي وارو شخص ڪير آهي جڏهن اهو هليو ويو ته سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: اهو جڏهن مون تي دُرُودِ پاڪ پڙهندو آهي ته ائين پڙهندو آهي.([3])


 

 



[1]القول البدیع،الباب الثانی، ص277،

[2]افضل الصلوات علی سید السادات،الصلاۃ الثانیۃ والخمسون،ص149

[3]القول البدیع،الباب الاول،ص125