Book Name:Ankhaun ka Tara Naam Muhammad

هڪ وصف جي طرف اشارو آهي پر ”محمد“ جي معنيٰ آهي هر طرح سان هر وصف ۾ بيحد تعريف ڪيل، انهيءَ ۾ حضور انور صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي لاتعداد خوبين ۽ ڪمالن ڏانهن اشارو ٿي ويو۔ (5) لفظ ”محمد“ ۾ غيبي خبر به آهي جو هميشه دنيا ۽ آخرت ۾ ان جي هر جڳھ هر طرح حمد و ثناء پئي ٿيندي رهندي۔ انهيءَ خبر جي صداقت اسان پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا آهيون جو اڄ به حضور انور صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي برابر ڪنهن جي به تعريف نٿي ٿئي، بلڪ جيڪي حضور انور صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن سان وابسته ٿي ويا انهن جي به تعريف ٿي وئي، فرش تي ان جون ڌومون ته عرش تي ان جي واکاڻ. (6) جيڪو پنهنجي پٽ جو نالو محبت مان”محمد“ رکي، الله تعاليٰ ان تي رحم فرمائيندو جو مونکي اهڙي شخص کي عذاب ڏيندي حياء ٿيندو آهي جنهن منهنجي محبوب جي محبت ۾ پنهنجي پٽ جو نالو ”محمد“ رکيو آهي۔ (تفسير نعيمي،۴/۲۲۰-۲۲۱ملخصًاوملتقطاً)

ناليِ”مُحَمَّد“جي اڃان بَرَڪتن کي بيان ڪندي مُفتي صاحب فرمائن ٿا: سڀني جا نالا پيدائش جي ستين ڏينهن رکيا ويندا آهن پر حُضُور(صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) جو نالو ربّ تعاليٰ مخلوق جي پيدائش کان پهريان رکيو هو جيئن آدم عَلَيه السَّلَام اهو نالو عَرش جي بُلندي تي لکيل ڏٺو، نُوح عَلَيه السَّلَام جي ڪشتِي (Ark) انهيءَ نالي جي بَرَڪت سان مُڪمَّل ٿي، اَنبياءِ ڪرام(عَلَيهمُ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام) حُضُور(صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) جي نالي جي طُفَيل (وَسيلي)سان دُعائون گھريون۔ اَسماءِ اَنبياءِ ڪرام(نبين سڳورن عَلَيهمُ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام جي نالن) جي مَعنيٰ اهڙي اعليٰ ناهي جيئن (نالي) ”مُحَمَّد“ جي مَعنيٰ آهي يعني بي عَيب ۽ هر طرح لائقِ ساراھ، حُضُور (صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) جي نالي سان قَبر جي اِمتِحان ۾ ڪاميابي ۽ مَحشَر ۾ نَجات آهي۔ (اَلغَرَض)حُضُور (صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) جو نالو اهو ڪيمِيا آهي (جو) جنهن