Book Name:Ankhaun ka Tara Naam Muhammad

(يعني پڙهي) به سگھجي ٿو، ڊاؤن لوڊ (Download) ۽ پرنٽ آؤٽ (Print Out) به ڪري سگھجي ٿو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                            صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان نالي”مُحَمَّد“ جي بَرَڪتن جي باري ۾ ٻڌي رهيا آهيون ۽ هي به ٻڌو ته اسان جا بُزرگ سڳورا رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيهمْ اَجْمَعِين هن نالي پاڪ جو تمام گھڻو ادب ڪندا هئا، ٿيڻ ته ايئن گھرجي ته اسان به بُزرگن جي طريقي تي عمل ڪندي هن پاڪ نالي جي عِزَّت ۽ حُرمَت جو خيال ڪريون ۽ دل ۽ جان سان ان جو خوب خوب ادب ڪريون پر اَفسوس صَد ڪروڙ اَفسوس ته هاڻي هن پاڪ نالي جو احترام به ختم ڪيو پيو وڃي، مَثال طور بعض واهيات ۽ بي باڪ نادان زبان جا ايتري قَدَر تيز هوندا آهن جو هو عام ماڻهن سان گڏ ”مُحَمَّد“ نالي واري مسلمانن کي به مُعاف نه ڪندا آهن ۽ اُنهن کي به مَعَاذَ الله عَزَّ وَجَلَّ برين گارين ۽ بُرن لقبن سان سڏيندا آهن، ائين ئي ڪجهه نادان شَرعي اَحڪام کان ناواقِفي جي ڪري هر شخص جي نالي کان اڳ ۾ ”مُحَمَّد“ لکندا يا پڙھندا آهن جڏهن ته ڪڏهن معنيٰ جي اِعتِبار سان ڪجهه نالن کان پهريان ”مُحَمَّد“ لکڻ پڙھڻ درست ناهي هوندو ته پوءِ نالي ”مُحَمَّد“ جي بَرَڪت ته ڇا ملندي رهندو بي اَدَبي جو وَبال هٿي تي هاڻي هڪ طرف ته انهن جھڙن نادانن جو طَريقڪار آهي ته ٻي پاسي انهن باادب هستين جو لائقِ تقليد ڪردار اسان جي سامهون آهي جيڪي نامُوسِ مُصطَفٰي سان گڏوگڏ نالي ”مُحَمَّد“ جي عِزَّت ۽ حُرمَت جا سچا پاسبان ۽ نالي ”مُحَمَّد“ جي ادب جي مُعَامَلي ۾ زَبَردَست مَدَني ذِهن رکڻ وارا هئا۔ اچو! نالي ”مُحَمَّد“ جو ادب ڪرڻ بابت هڪ سبق حاصل ڪرڻ وارو واقعو ٻڌون ٿا،