Book Name:Ankhaun ka Tara Naam Muhammad

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جهڙي طرح دعوتِ اِسلامي سان وابسته ٿي 12 مدني ڪمن ۾ مشغول ٿي وڃڻ نالي”مُحَمَّد“ جو ادب ڪرڻ جي مَدَني سوچ ماڻڻ جو هڪ ذريعو آهي، اهڙي طرح دعوتِ اسلامي جي قائم ڪيل شُعبن مان ڪنهن شُعبي سان وابسته ٿي پنهنجون خدمتون پيش ڪرڻ سان به نالي اَقدَس جي عِزَّت ۽ حُرمَت ۽ ان جي ادب ۽اِحتِرام جوذِهن نصيب ٿيندو آهي۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّوَجَلَّ تبليغِ قرآن ۽ سنت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي سڄي دنيا ۾ گهٽ وڌ 104 شُعبن ۾ نيڪي جي دَعْوَت جون ڌُومون مَچائڻ ۾ مصروفِ عمل آهي۔ انهن شُعبن (Departments) مان هڪ مَجلسِ تَوقيت به آهي۔

اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ مجلسِ تَوقيت هينئر تائين اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه جي تحقيق مطابق عِلم تَوْقيت جي اُصُول ۽ قانون مُطابق دنيا جي بي شُمار شهرن )بشمول حرميِن طيبين)جا اَوْقاتُ الصَّلٰوةجي نقشن سان گڏوگڏ سڄي پاڪستان جي پندرهن سو(1500) کان وڌيڪ مقامن تي مشتمل عظيم الشان ڪتاب بنام ’’اوقات ِنماز برائے پاکستان‘‘ شايع ڪرائي چڪي آهي۔ ان سلسلي ۾ پڻ هڪ قدم وڌائيندي دعوت اسلامي جي مجلس آئي ٽي جي تعاون سان هڪ اهڙو سافٽ ويئر بنام ”اوقات الصلواة“ به متعارف ڪرايوويو آهي جيڪو ڪمپيوٽر ۽ موبائل وغيره تي نمازن جي صحيح وقت جي ڄاڻ ۾ وڌيڪ مفيد آهي، هن سافٽ وئير بنام”اَوْقاتُ الصَّلٰوة“۾ کوڙ مقامن جي اوقاتِ نماز ڄاڻڻ جي سہولت موجود آهي، نظام الاقات متعلق ڪنهن به قسم جو مسئلو يا مشورو هجي ته مجلس جي ذميدارن کان عالمي مدني مرڪز فيضان مدينه باب المدينه ڪراچي جي فون نمبر