Book Name:Ankhaun ka Tara Naam Muhammad

چَراغان ڏسڻ جي لاءِ عورتن جو اَجنبي مَردن جي وچ ۾ بي پرده نڪرڻ ۽ باپرده عورتن جو به هلندڙ انداز ۾ مَردن ۾ اِختِلاط (گڏجي جمع ٿيڻ) انتِهائي اَفسوس ناڪ آهي ۽ بجلي جي چوري به ناجائز آهي، تنهنڪري هن سلسلي ۾ بجلي فَراهم ڪرڻ واري اِداري سان رابِطو ڪري جائز ذَريعن سان چَراغان جي ترڪيب بڻايو۔ جُلوسِ ميلاد ۾ حتَّي الامڪان باوُضُو رهو، نَمازِ باجماعت جي پابندي جو خيال رکو۔

شيخِ طريقت،اميرِاهلسنَّت، باني دعوتِ اسلامي حضرتِ علامه مولانا ابُو بلال محمد الياس عطار قادري رَضوي ضِيائي دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جَشنِ ميلاد ملهائڻ وارن عاشقان ميلاد کي  letterپنهنجي مڪتوب ۾ ڪجھ اَهم مدني گل عطا فرمايا آهن۔ اچو! اسان به مڪتوبِ عطار توجه سان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا:

بِسْمِ اللّٰہِ الرَّ حْمٰنِ الرَّ حِيمط سگِ مدينه محمد الياس عطار قادري رضوي عفي عنه جي طرفان تمام عاشقان رسول اسلامي ڀائرن/ اسلامي ڀينرن جي خدمت ۾ جشن ولادت جي خوشي ۾ جهولندڙ ساون سـاون جهـنڊن ۽ جڳمڳ ڪندڙ بلبن ۽ ننڍڙين ننڍڙين بتين کي چمندو جهومنـدو ماکي کان به مٺو مڪي مدني سلام،

اَلسَّلامُ عَلَيکمْ وَرَحْمَۃُ اﷲ وَبَرَکاتُه                                                                                                                               اَلْحَمْدُ لِلّٰه رَبِّ الْعٰلَمِينَ عَلٰي کلِ حَال ۔

 تُم بھی  کرکے  اُن کا  چرچا اپنے  دِل  چمکاؤ

اُونچے میں اُونچا نبی کا جھنڈا گھر گھر میں لہراؤ

چنڊ واري رات جو هنن لفظن ۾ ٽي ڀيرا مسجدن ۾ اعلان ڪرايو: تمام اسلامي ڀائرن ۽ ڀينرن کي مبارڪ هجي جو ربيع الاول شريف جو چنڊ نظر