Book Name:Ankhaun ka Tara Naam Muhammad

زينت جي قصد (يعني زينت جي ارادي) سان مرد کي لڳائڻ مڪروهه آهي ۽ زينت جو ارادو نه هجي ته ڪراهت ناهي۔ ( فتاويٰ هنديه،۵ /۳۵۹)٭ سرمو سمهڻ مهل استعمال ڪرڻ سنّت آهي۔ (مرآۃالمناجيح ،۶/۱۸۰) ٭ سرمي استعمال ڪرڻ جي ٽن نقل ڪيل طريقن جو خلاصو پيش خدمت آهي؛ (1) ڪڏهن ٻنهي اکين ۾ ٽي ٽي سرائيون (2) ڪڏهن ساڄي اک ۾ ٽي ۽ کاٻي ۾ ٻه، (3) ته ڪڏهن ٻنهي اکين ۾ ٻه ٻه ۽ وري آخر ۾ هڪ سرائي کي سرمي ۾ وجهي ڪري ان کي واري واري سان ٻنهي اکين ۾ لڳايو۔ (شعب الايمان ج 5 ص 218، 219) اهڙي طرح ڪرڻ سان انشآءَالله عَزَّ وَجَلَّ ٽنهي طريقن تي عمل ٿيندو رهندو۔ ٭ عزت جا جيترا به ڪم هوندا هئا اسان جا محبوب آقا صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ساڄي پاسي کان شروع ڪندا هئا، تنهنڪري پهريان سرمو ساڄي اک ۾ پوءِ کاٻي اک ۾ پايو۔۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل  2 ڪتاب بهار شريعت حصو 16 (312صفحا) 120 صفحن جو ڪتاب“سنتیں۽آداب” رسالو 163 مدني پهول ۽101 مدني پهول هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ غور سان مطالعو ڪريوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

تری سُنّتوں پہ چل کر میری روح جب نکل کر

 

چلے تو گلے لگانا مدنی مدینے والے

(وسائل بخشش مرمم،ص۴۲۸)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                             صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد