Book Name:Ankhaun ka Tara Naam Muhammad

يارهين جي شام نه ته ٻارهينءَ جي رات غسل ڪيو، ٿي سگهي ته هن عيدن جي عيد جي تعظيم جي نيت سان اڇو لباس، عمامو، سربند، ٽوپي، مٿي تي پائڻ واري سفيد چادر پردي ۾ پردي لاءِ ناسي چادر، ڏندڻ، کيسي جو رومال، چپل، تسبيح، عطر جي شيشي، هٿ جي گهڙي، قلم، قافلو پيڊ وغيره پنهنجي استعمال جي هرشيءِ ممڪن هجي ته نئي وٺو. (اسلامي ڀينرون به پنهنجي ضرورت جون جيڪي شــيون ممڪن هجن اهي نيون وٺن)

  آئی  نئی  حکومت  سِکّہ  نیا  چلے  گا

عالَم نے رنگ بدلا صُبْحِ شبِ وِلادت

(ذوقِ نعت،ص۶۷)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                             صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو اسان ٻڌو ته

٭ نالو مُحَمَّد مُسلمان جي شان ۽ عظمت کي وڌائي ٿو۔

٭نالو مُحَمَّد عِزَّت ۽ اَفزائي جو ذريعو آهي۔

٭نالو مُحَمَّدخُدا عَزَّ وَجَلَّ کي به مَحبوب آهي۔

٭نالي مُحَمَّد جي بَرَڪت سان اِنسان جي بگڙي بڻجي ويندي آهي۔

٭نالي مُحَمَّد جي بَرَڪتن سان ڪائنات فيضياب ٿي رهي آهي۔

٭نالو مُحَمَّد جنَّت ۾ داخِلي جو سبب آهي۔

٭نالو مُحَمَّدنارِ جهنّم کان نَجات جو ذريعو آهي۔

٭ناليمُحَمَّد جي بي اَدَبي ڪرڻ کان بُزرْگانِ دِين رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيهم اجمعين کي