Book Name:Ham Dartay Kiun Nahi?
جو وقت ويجھو آيو ته اُنهن گريه وزاري شروع ڪئي۔ ماڻهن پڇا ڪئي: اوهان ته سڄي عمر مجاهدن ۽ رياضتن ۾ گذاري آهي، هاڻي ڇو روئي رهيا آهيو؟ ته پاڻ فرمايائون: مون کان وڌيڪ ڪنهن کي روئڻ گھرجي جو مان ستر(70) سالن تائين جنهن دروازي کي کڙڪائيندو رهيس اڄ ان کي کوليو ويندو پر هي ناهي معلوم
ته جنت جو دروازو کُلي ٿو يا دوزخ جو؟ ڪاش! منهنجي امڙ مون کي نه ڄڻي ها ۽ مون کي اها مشقت نه ڏسڻي پوي ها۔ (حڪايات الصالحين،ص۳۶بتغير)
کاش کے نہ دُنیا میں پیدا مَیں ہوا ہوتا قَبْر و حشر کا ہر غم ختم ہو گیا ہوتا
آہ! سَلبِِ ایماں کا خوف کھائے جاتا ہے کاشکے مِری ماں نے ہی نہیں جَنا ہوتا
(وسائلِ بخشش مرمم،ص۱۵۸)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته اسان جي بُزُرگانِ دين جو طرزِ زندگي ڪيتري قدر شاندار(Magnificient) هوندو هو ۽ اهي حضرات ڊگھيون ڊگھيون نمازون پڙهڻ جي باوجود خوفِ خدا ۽ خوفِ جهنم جي سبب ڪيتري قدر ڏڪندا ۽ ڊڄندا رهندا هئا جڏهن ته اسان پنهنجي ڪردار جو جائزو وٺون ته شرم سان پاڻي پاڻي ٿي وڃون ته گھٽ آهي ۔ ڇوته اسان جو حال ته ڪجھ اهڙو آهي جو نيڪيون ذرو به ناهن، نمازن، تلاوتِ قرآن ۽ مسجدن وغيره ۾ دل لڳي نٿي، سُنّتن تي عمل ٿيندو ناهي، ٻين جي اصلاح جي لاءِ ته تڙپون ٿا پر پنهنجي اصلاح جو فڪر ناهي، گناهن ۽ فضول ڳالهائڻ جي عادت ۽ بُرن دوستن جي ڪچهري مان جان نٿي ڇُٽي، توبه ڏانهن دل مائل نٿي ٿئي، موت جي سختين، قبر ۽ حشر ۽ جهنم جي عذابن کان ڊپ نٿو لڳي، الغرض اسان جي حالت ڏينهو ڏينهن بدترين ٿيندي پئي وڃي ۽ اسان گناهن جي دلدل ۾ تيزي سان ڦاسندا پيا وڃون۔ اي ڪاش! اسان کي گناهن جي بيماري کان ڇوٽڪارو ملي وڃي۔۔۔ اي ڪاش! اسان هر هر لمحو نيڪين ۾ گذارڻ وارا بڻجي وڃون ۔۔۔ اي ڪاش! اسان جون اکيون هر وقت خوفِ خدا ۽ عشق مصطفي ۾ روئڻ واريون بڻجي وڃن۔۔۔ اي ڪاش اسان کي به پنهنجن بزرگن وانگر جهنم جو خوف نصيب ٿي وڃي۔۔۔