Book Name:Ham Dartay Kiun Nahi?
خبر ناهي منهنجو ٺڪاڻو جنت ٿيندو يا جهنم!
حضرت سَيدُنا مالڪ بن ديناررَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه مقامِ جبانه تي حضرت سعدون
رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه کي ڏٺائون ته ان کان حال پڇيائون۔ انهن فرمايو: اي مالڪ! ان شخص جو حال ڪهڙو هوندو جنهن جي صبح ۽ شام اهڙي ڊگھي سفر ۾ گذري جنهن ۾ ڪو سامانِ سفر ۽ زادِ راه موجود نه هجي ۽ ان کي ٻانهن جي وچ ۾ عدل ۽ انصاف فرمائڻ واري رَبّ جي بارگاھ ۾ بيهاريو ويندو۔ اهو چئي هو زور زور سان روئڻ لڳو، حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه فرمائن ٿا مون ان کان روئڻ جو سبب پڇيو؟ ته فرمايائون: مان دنيا جي لالچ جي ڪري نه پيو روئان ۽ نه ئي موت جي خوف ۽ مصيبت مون کي رُئاريو آهي بلڪ مان ته پنهنجي زندگي جي ان ڏينهن تي روئي رهيو آهيان جنهن ۾ ڪو سٺو عمل نه ڪري سگھيس، خُدا جو قسم مون کي ته زادِ راھ جي قلت، ڪاميابي کان دُوريءَ ۽ دُشوار گذار گھاٽي (Vale) رُئاريو آهي۔ مون کي خبر نه آهي ته مان جنت ۾ ويندس يا جهنَّم ۾۔ حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه فرمائن ٿا مون اهو حڪمت ڀريو ڪلام ٻڌي چيو: ماڻهو ته اوهان کي مجنون سمجھن ٿا۔ ته انهن فرمايو ته توهان به دنيا وارن وانگر ڌوڪي ۾ مبُتلا ٿي ويو؟ جيتوڻيڪ منهنجي اندر جنتين واري ڪا ٻي خوبي نه آهي پر منهنجي دل، رَڳن، گوشت، رت ۽ هڏين ۾ الله پاڪ جي مَحَبَّت سَرايت ڪري چڪي آهي۔ مان الله ڪريم جي مَحَبَّت ۾ گرفتار ٿي ديوانو بڻجي ويو آهيان۔ (حدائق الاولياء،۲/ ۲۲۲)
رہوں مَست وبے خود میں تیری وِلا میں پلا جام ایسا پلا یا الٰہی
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن حڪايت مان معلوم ٿيو ته اسان جا بُزرگ سڳورا رَبِّ ڪريم جي خوف مان ڪيتري قدر روئيندا هئا ۽ ڏينهن رات نيڪين ۾ مشغول رهڻ جي باوجود به پنهنجي عملن کي ڪافي نه سمجھندا هئا انهن ماڻهن جي عاجزي ۽ انڪساري جي شان بيان ڪندي ڪنهن پنجابي زبان ۾ ڇا خوب فرمايو آهي: