Ham Dartay Kiun Nahi?

Book Name:Ham Dartay Kiun Nahi?

مرض ۾ مبتلا فرمائيندو جنهن جي دوا ناهي. (ايضاً 39) ٭ پائڻ مهل ساڄي پاسي کان شروع ڪيو (جو سنت آهي) مثلاً جڏهن ڪُرتو پايو ته پهرين آستين ۾ ساڄو هٿ داخل ڪيو پوءِ کاٻو هٿ کاٻي آستين ۾ (ايضاً 43) ٭ اهڙي طرح پاجامو پائڻ مهل پهرين ساڄي پانچي ۾ ساڄو پير داخل ڪيو ۽ جڏهن (ڪُرتو يا پاجامو)

لاهيو ته ان جو خلاف يعني کاٻي پاسي کان شروع ڪيو ٭ دعوت اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبةالمدينه جي شايع ٿيل 1197 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ جلد 3 صفحي 409 تي آهي: سنت هي آهي ته دامن جي ڊيگھ اڌ پني تائين هجي ۽ آستين جي ڊيگھ وڌ مان وڌ اڱرين جي پورن تائين ۽ ويڪر هڪ گراٺ هجي. (رَدُّالْمُحتار ج ۹ ص ۵۷۹) ٭ سنت هي آهي مرد جو تهبند (گوڏ) يا پاجامو ڀيڏين کان مٿي رهي. (مراٰۃ ج۶ص۹۴) ٭ مرد مردانو ۽ عورت زنانو ئي لباس پائي ـ ننڍن ٻارن ۽ ٻارڙين ۾ به هن ڳالهه جو لحاظ رکو ٭ دعوت اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل 1250 صفحن تي مشتمل ڪتاب “بهار شريعت” جلد 1 صفحي 481 تي آهي: مرد جي لاءِ دُن کان هيٺ گوڏن جي هيٺ تائين عورت آهي يعني ان جو ڍڪيل هجڻ فرض آهي، دُن هن ۾ داخل ناهي ۽ گوڏا داخل آهن. (درمختار، ردالمحتارج 2 ص 93)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب“سنتیں۽آداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

مجھ کو جذبہ دے سفر کا کرتارہوں پروردگار               سنتوں کی تربیت کے قافلے میں بار بار

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد