Book Name:Aey Kash Fuzol Goi Ki Adat Nikal Jay

ٿا، زبان جي بڪواس سان ڪيترن کي لاجواب ڪندا آهيون، فضول بحث مُباحَثن ۾ ڪوبه اسان کان کٽي نٿو سگھي پر ڪڏهن اسان اهو به سوچيو ته

فضول ڳالهائڻ جي ڪري ڪٿي اسان جو دل سخت ته ناهي ٿي ويو؟ زبان جي آفتن جي ڪري ڪٿي نيڪين کان محروم ته نه ٿي رهيا آهيون؟ فضول ڳالهائڻ جي ڪري ڪٿي تلاوت قرآن جي توفيق کسجي ته نه وئي آهي؟ ڇا ڪڏهن غور ڪيو ته فضول ڳالهائڻ ۾ کوڙ ڪلاڪ گزري ويندا آهن، پر ڪجهه منٽ تلاوت ۽ الله جو ذڪر ڪرڻ جي لاءِ دل گهٻرائيندو آهي، نفس نيڪي جي ان ڪم ۾ راضي ئي ناهي ٿيندو، تمام جلدي دل کٽي ٿي ويندي آهي، جيڪڏهن ڪو عاشق رسول نيڪي جي دعوت ۽ نصيحت تي مشتمل مدني گل اسان جي طرف وڌائي ته دل قبول ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي ٿيندو، ڪڏهن اسان اهو به سوچيو ته هنن فضول ڳالهين ۽ بحثن سان دنيا ۾ اسان ماڻهن کي ته خاموش ڪرائي سگھون ٿا، انهن تي پنهنجي ڌاڪ ته ويهاري سگھون ٿا پر سڀاڻي قيامت جي ڏينهن جڏهن ميدان محشر قائم ٿيندو، حضور نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۽ تمام انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام پنهنجي پنهنجي اُمّتن سان گڏ جلوه فرما هوندا، اولياءِ ڪرام ۽ اسان جا اهي مُتعلقين ۽ پيار ڪندڙ به موجود هندا جنهن جي سامهون دنيا ۾ اسان جي عزت هئي اهڙي ۾ سج باھ وَسائي رهيو هوندو، ٽامي (Copper) جي ٽهڪندڙ زمين هوندي ۽ هر هڪ کي پنهنجو اعمال نامو سڀني جي اڳيان پڙهي ٻڌائڻو پوندو۔ جيئن سيپارو 15 سُورهٔ بني اِسرائيل آيت نمبر 13،14 ۾ ارشادِ خُداوندي آهي:

وَ نُخْرِ جُ لَهٗ یَوْمَ الْقِیٰمَةِ كِتٰبًا یَّلْقٰىهُ مَنْشُوْرًا(۱۳)
اِقْرَاْ كِتٰبَكَؕ-كَفٰى بِنَفْسِكَ الْیَوْمَ عَلَیْكَ حَسِیْبًاؕ(۱۴)

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ اُن جي لاءِ قيامت جي ڏِينهن هڪ لِکيو ڪڍنداسي جنهن کي کُليل ڏِسندو. فرمايو وِيندو ته پڙھ پنهنجو عمل نامو اڄ پنهنجي حساب ڪرڻ جي واسطي تُون پاڻ ڪافي آهين.