Book Name:Aey Kash Fuzol Goi Ki Adat Nikal Jay

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٿورو سوچيو! بروزِ محشر تمام اَوّلين ۽ آخرين جي موجودگي ۾ پنهنجو اهو اعمال نامو ڪهڙي طرح پڙهي ٻڌائينداسين؟ جيڪو فُضول گفتگو سان ڀريل هوندو، جيڪو اعمال نامو گارگند ۽ بدڪلامي سان ڀريل هوندو، جنهن ۾ مسلمانن جي باري ۾ دل ٽوڙڻ وارا جُملا موجود هوندا، جنهن اعمال نامي ۾ مسلمانن جي غيبت، چُغلي ۽ ڪوڙ جهڙا گُناھ موجود هوندا؟ اهو اعمال نامو سڀني جي اڳيان ڪيئن ٻڌائي سگھنداسين، ڪيئن ماڻهن کان اکيون ملائي سگھنداسين؟ تنهنڪري اسان کي ڪوشش ڪرڻ گھرجي ته گھٽ مان گھٽ گفتگو ڪريون ۽ فضول ڳالهين کان بچندي صرف ڪم جي ڳالھ ڪريون يا چڱي ڳالھ ڪريون ڇوته فُضُول ڳالهيون ڪرڻ ۾ اسان جو نُقصان ئي نُقصان آهي.

حُجَّةُ الاِسلام حضرتِ سَيدُنا امام محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰي عَلَيْه چار سببن جي ڪري فُضُول ڳالهين جا نُقصان بيان ڪن ٿا: (1) فُضُول ڳالهيون ڪراماً ڪاتِبِين (يعني عمل لکڻ واري ملائڪن) کي لکڻيون پون ٿيون، تنهنڪري انسان کي گھرجي ته ان کان شَرم ڪري ۽ انهن کي فُضُول ڳالهيون لکڻ جي تڪليف نه ڏي۔ (2) فُضُول ڳالهين جي مَذَمَّت ۽ برائي ۾ ٻيو سبب بيان ڪن ٿا ته هي ڳالھ سٺي نه آهي جو فضول ڳالهين سان ڀريل اعمال نامو الله ڪريم جي بارگاھ ۾ پيش ٿئي۔ (3) فُضُول ڳالهين جي مَذَمَّت جو ٽيو سبب هي آهي ته الله جي درٻار ۾ تمام مخلوق جي اڳيان ٻانهي کي حڪم ٿيندو ته پنهنجو اعمال نامو پڙهي ٻڌاءِ! هاڻي قِيامت جون خوفناڪ سختيون ان جي اڳيان هونديون، انسان بي لباس هوندو، سخت اُڃايل هوندو، بُک جي ڪري چيلھ چٻي ٿي رهي هوندي، جنَّت ۾ وڃڻ کان روڪيو ويو هوندو ۽ هر قسم جي راحت ان تي بند ڪئي وئي هوندي، (غور ڪريو اهڙي تڪليف واري حالتن ۾ فُضُول ڳالهين سان ڀريل اعمال نامو پڙهي ٻڌائڻ ڪيتري قَدَر پريشان ڪندڙ هوندو!) (4) فُضُول ڳالهين جي مَذَمَّت جو چوٿون سبب هي آهي ته بروزِ قيامت ٻانهي کي فُضول ڳالهين تي مَلامت ڪئي ويندي ۽ ان کي شرمسار ڪيو