Book Name:Miraaj kay Waqiaat

نمازِ اَقصٰي ۾ نبي اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اِمامت فرمائڻ جي هن ايمان افروز گھڙي جي منظر ڪشي ڪندي اميرِ اهلسنّت،باني دعوتِ اسلاميدَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه  پنهنجي نعتيه دِيوان ”وسائلِ بخشش“ ۾ لکن ٿا:

اَقصیٰ میں سُواری جب پہنچی جِبْریل نے بڑھ کے کہی تکبیر                        نبیوں کی اِمامت اب بڑھ کر سُلطان ِ جہاں فرماتے ہیں

وہ کیسا حَسیں منظر ہوگا جب دولہا بنا سَروَر ہوگا                                             عُشّاق تصوُّر کر کر کے بس روتے ہی رہ جاتے ہیں

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! ڇا خُوب نماز آهي جو تمام اَنبياء و رُسُل عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلام مقتدي، اسان جا پيارا آقا، مديني وارا مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اِمام ۽ پهريون قبلو نماز جي جاءِ آهي، يقيناً ڪائنات ۾ اهڙي نماز پهريان ڪڏهن نه ٿي، آسمان اهڙو نَظّارو ڪڏهن نه ڏٺو۔ بهر حال اڄ شَبِ اَسرٰي جي گھوٽ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اَوّل ۽ آخر هئڻ جو راز(Secret) به کلي ويو، هن راز تان به پَردو کڄي ويو ۽ معنٰي روزِ روشن جيان واضح ٿي وئي، ڇوته اڄ پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جيڪي سڀني کان آخري رسول آهن، اڳين نبين ۽ رسولن جي اِمامَت فرمائي رهيا آهن۔ انهيءَ راز کي بَيان ڪندي اَعليٰ حضرت، اِمامِ اَهلسُنَّت، مولانا شاھ اِمام احمد رضا خان عَلَيه رَحْمَة ُالرَّحْمٰن فرمائن ٿا:

نمازِ اَقْصٰی میں تھا یہی سِرّ،عِیاں ہوں مَعنیِ اوّل آخِر                  کہ دَست بستہ ہیں پیچھے حاضِر،جوسلطنت آگے کرگئے تھے([1])

مختصروضاحت: شبِ معراج مسجدِ اقصيٰ ۾ حضورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تمام انبياءِ ڪرام و رسل عظام عليهم السلام کي نماز پڙھائي، ان ۾ اهوئي راز هو ته پهرين ۽ آخري جو فرق واضح ٿي وڃي جيڪي انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلام حضورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان اڳ ۾ پنهنجي نبوتن جو اظهار ڪري ويا هئا اهي


 

 



[1]حدائِقِ بخشش، ص۲۳۲