Book Name:Miraaj kay Waqiaat

مَلَڪوت جي سير ڪري ۽ اللہ  پاڪ جي نشانين کي مُلاحَظَه فرمائي آسمان تان زمين تي تشريف وٺي آيا، بَيتُ المَقدِس ۾ داخِل ٿيا ۽ بُراق تي سُوار ٿي مَڪي شريف جي لاءِ روانا ٿيا۔ راھ ۾ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ بَيتُ المَقدِس کان مَڪي تائين تمام منزِلن ۽ قُرَيش جي قافِلن کي به ڏٺو۔ اهي سمورا مرحلا طئي ٿيڻ کان بعد پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ مسجدِ حرام ۾ پهچي جيئن ته اڃا رات جو ڪافي حِصّو باقي هو، آرام فرما ٿي ويا۔

هن دِلرُبا منظر جو نقشو پيش ڪندي اعليٰ حضرت،امامِ اَهلسُنّت مولانا شاھ احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه”حدائقِ بخشش“ ۾ تحرير فرمائن ٿا:

خدا کی قُدرت کہ چاند حق کے کروروں منزل میں جلوہ کرکے

ابھی نہ تاروں کی چھاؤں بدلی کہ نُور کے تَڑکے آلیے تھے

مختصر وضاحت: يعني اللہ  پاڪ جو شان ڏسو ته اللہ  ڪريم جا پيارا حبيب
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٿوري ئي دير ۾ ڪروڙين منزلن تي پنهنجو جَلوو ڏيکاري واپس به موٽي آيا، اڃا تائين تارا ساڳي نموني چمڪي رهيا هئا ۽ انهن جو سايو به نه بدليو هو۔

صُبح جو جڏهن بيدار ٿيا ۽ رات جي واقِعن کي پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ قُرَيش اڳيان تَذڪرو ڪيو ته سردارانِ قُرَيش کي گھڻو تَعَجُّب ٿيو، ايستائين جو ڪجهه بري اندر وارن پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي مَعَاذَالله ڪوڙو چيو ۽ بعض مختلف سُوال (Questions) ڪيا، جيئن ته اڪثر قُرَيش جي سردارن ڪيئي ڀيرا بَيتُ المَقدِس کي ڏٺو هو ۽ اها به خبر هئي ته حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪڏهن به بَيتُ المَقدِس ناهن ويا، ان ڪري اِمتحان لاءِ انهن ماڻهن پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان بَيتُ المَقدِس جي دَر ۽ دِيوار ۽ ان جي محرابن وغيره جي باري ۾ تمام گھڻا سُوال ڪيا۔ ان وَقت اللہ  پاڪ هڪدم ئي پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نگاھ نُبُوّت اڳيان بَيتُ المَقدِس جي پُوري عمارت جو نقشو پيش ڪري ڇڏيو۔ پوءِ ڪفّارِ قُرَيش پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ