Book Name:Miraaj kay Waqiaat

اعظم پاڪستان حضرت مولانا محمد سردار اَحمد چِشتي قادِرِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو عُرْس ملهايو ويندو آهي۔ اچو! انهيءَ مُنَاسَبَت سان مُحَدِّثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سيرتِ مُبارَڪه جا ڪجھ حصا مُلاحَظه فرمايو،

سيرتِ محدِّثِ اعظم پاڪستان

محدثِ اعظم پاڪستان حضرت مولانا محمد سردار احمد چشتي قادريرَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه مشرقي پنجاب (هند) ۾ 1321 هجري مطابق 1903ء ۾ پيدا ٿيا ۽ پهرين شعبان 1382ھ مطابق 29 ڊسمبر 1962ء ۾ وصال فرمايو۔ سندن والدِ ماجد جو شُمار علائقي جي معروف ۽ معزّز ماڻهن ۾ٿيندو هو، سندن عظمت ۽ بزرگي ۾ اوهان جي والده جي دُعائن جو به عمل دخل هو، اوهان جي والده اڪثر چوندي هئي ته منهنجو هي دادلو پٽ عظيم شخصيت جو مالڪ بڻجندو۔

مُحَدِّثِ اعظم پاڪستان جا وصف

محدثِ اعظم پاڪستان حضرت مولانا محمد سرداراحمد چشتي قادري رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه جو ننڍپڻ عام ٻارن کان مختلف هو، پاڻ ننڍپڻ کان ئي دِيني ڳالهين ۾ دلچسپي (Interest) رکندا هئا۔ پاڻ جڏهن هلڻ ڦرڻ لائق ٿيا ته والدِ ماجد سان گڏ مسجد ۾ نماز پڙھڻ ويندا هئا۔ ذِڪر و اذڪار ۽ نعت خواني جو اهڙو ذوق هو جو عام طور هلندي ڦرندي نعتون پڙھندا ۽ ذِڪرُاللہ  ڪندا هئا۔ ٻڌڻ وارا حيران ٿيندا هئا ته هن عُمر ۾ اهڙو ذوق و شوق۔  (حياتِ محدثِ اعظم، ص٣٠)

محدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه جي حياتِ مبارڪه جي روشن پهلوئن کان وڌيڪ برڪتون حاصل ڪرڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جو شايع ڪيل رسالو فيضان محدثِ اعظم پاڪستان جو مطالعو فرمايو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن مهيني جي  2 تاريخ تي ڪروڙين حنفين جي عظيم پيشوا حضرتِ سيدُنا امامِ اعظم ابو حنيفه نعمان بن ثابِت رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو عرس شريف ملهايو ويندو آهي۔ اچو! هن مناسبت سان سندن مختصر سِيرتِ مُبارَڪه ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪيون ٿيون۔

سيرتِ امامِ اعظم

حضرت سَيدُنا امامِ اعظمرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ڪپڙي جو ڪاروبار ڪندا هئا ۽