Book Name:Ilm Deen K Fazail
آهي۔ هيءَ اها شيء آهي جنهن سان اِنساني زندگي ڪامياب ۽ خُوشگوار ٿيندي آهي ۽ انهيء سان دنيا ۽ آخرت سُڌرندي آهي۔ ۽ ان جي قرآن و حديث ۾ ساراھ بيان ٿي آهي ۽ ان جي تعليم ڏانهن توجھ ڏياري وئي آهي۔ قرآنِ ڪريم ۾ گھڻن موقعن تي ان جون خوبيون صراحةً (يعني واضح لفظن ۾) يا اشارةً بيان ڪيون ويون آهن۔ (بهار شريعت ، ۳/۶۱۸، ملخصاً)
اچو! علم حاصل ڪرڻ جو شوق بيدار ڪرڻ جي لاءِ قرآنِ پاڪ مان عِلمِ دِين حاصل ڪرڻ وارن جون ڪجھ فضيلتون ٻڌو،
سيپارو 28،سُوْرَۃُ الْمُجَادَلَۃ ،آيت نمبر 11 ۾ اللہ پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:
یَرْفَعِ اللّٰهُ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا مِنْكُمْۙ-وَ الَّذِیْنَ اُوْتُوا الْعِلْمَ دَرَجٰتٍؕ- (پ 28، مجادله، 11)
ترجموڪنزالايمان؛ الله درجا بلند فرمائي ٿو توهان مان انهن جا، جن ايمان آندو ۽ جن کي علم ڏنو ويو۔
سيپارو 23،سُوْرَۃُ الزُّمُر،آيت نمبر 9 ۾ اللہ پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:
قُلْ هَلْ یَسْتَوِی الَّذِیْنَ یَعْلَمُوْنَ وَ الَّذِیْنَ لَا یَعْلَمُوْنَؕ-
ترجموڪنزالايمان؛ تون فرماءِ ڇا برابر آهن ڄاڻڻ وارا ۽ اڻ ڄاڻ
سيپارو 22، سُوْرَۃُ الْفَاطِر،آيت نمبر28 ۾ اللہ پاڪ جو ارشاد آهي :
اِنَّمَا یَخْشَى اللّٰهَ مِنْ عِبَادِهِ الْعُلَمٰٓؤُاؕ-
ترجموڪنزالايمان؛ اللہ کان سندن ٻانهن مان اهي ئي ڊڄندا آهن جيڪي علم وارا آهن
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل آيِت سڳورين مان اسان کي ڪجھ مدني گل حاصل ٿيا، مثال طور عالم سڳورا وڏي درجي وارا آهن ٭ اللہ پاڪ عالم سڳورن جي درجات جي بلندي جو وعدو ڪيو آهي ٭ عالم سڳورن کي اللہ