Ilm Deen K Fazail

Book Name:Ilm Deen K Fazail

  پاڪ جي فضل و ڪرم سان دنيا ۽ آخرت ۾ عزت ضرور ملندي ٭ جڏهن علم وارا ۽ بي علم برابر نه آهن ته اطاعت گذار ۽ فرمانبردار ۽ غافل ۽ نافرمان ڪيئن برابر ٿي سگھن ٿا ٭ علم وارن جو شان اهو آهي ته هو اللہ  پاڪ کان ڊڄن ٿا ٭ عالم سڳورن کي عام ماڻهن جي مقابلي ۾ وڌيڪ اللہ  پاڪ کان ڊڄڻ گھرجي ٭ ماڻهن کي به اللہ  پاڪ کان ڊڄڻ جي ترغيب ڏيڻ گھرجي ٭ علم وارا وڏي مرتبي وارا آهن ٭ اللہ  پاڪ پنهنجي خوف کي هنن (عِلم وارن) ۾ مُنحَصَر ڪيو آهي ٭ علم وارن مان مراد اهي آهن جيڪي دِين جو علم رکندا هجن ۽ انهن جا عقيدا ۽ عمل درست هجن۔ (تفسيرصراط الجنان سے ماخوذ)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! عالم سڳورن کي اللہ  پاڪ ڪيتري قدر بزرگي ۽ رتبو عطا ڪيو آهي، انهن جي فضيلتن کي مڪمل طور تي بيان ڪرڻ ته گھڻو مشڪل آهي۔ عالمن جي فضيلت ۽ عظمت قيامت جي ڏينهن ظاهر ٿيندي جڏهن عام ماڻهن کي ته حساب ڪتاب جي لاءِ روڪيو ويندو پر عالمن کي انهن ماڻهن جي شفاعت جي لاءِ روڪيو ويندو۔ اللہ  پاڪ قرآنِ مجيد ۽ ان جي پياري محبوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ احاديثِ طيبه ۾ عالمن جون کوڙ فضيلتون بيان ڪيون آهن۔ عالمن جي باري ۾ فرمايائون ته اللہ  پاڪ پنهنجو خوف ۽ خشيت عالمن جي دلين ۾ رکيو آهي، عالمن جي درجات کي بلند فرمايو، عالمن کي ٻين ماڻهن تي فضيلت عطا ڪئي، عالمن کي علم سيکارڻ تي غزوات ۾ شرڪت جو ثواب عطا ڪندو آهي، عالمن کي آسمانِ هدايت جا تارا بڻايو، عالمن کي انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصلوۃ والسلام جو وارث Heir)) بڻايو، عالمن جي لاءِ مقامِ شفاعت جو وعدو فرمايو، عالمن کي عبادت گذارن تي فضيلت عطا فرمائي، عالمن کي ماڻهن جي لاءِ حقيقي رهنما قرار ڏنو، عالمن جي مجلس کي انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصلوۃ والسلام جي مجلس جيان قرار ڏنو، عالمن جي بي ادبي کي باعثِ هلاڪت قرار ڏنو، ڪيئي صورتن ۾ انهن جي بي ادبي کي ڪفر قرار ڏنو،