Book Name:Huzur-e-Pak Ki Ummat Ki Khasusiyaat
آهن، بلڪه رمضان ۾ اهي نظارا وڌيڪ ڏسڻ کي ملندا هوندا، پر ان سان گڏ شايد اوهان اهو منظر به ڏٺو هوندو ته رمضان جي وڃڻ سان گڏ ئي بدقسمتي سان مسجدون ويران ٿي وينديون آهن، نمازين جو تعداد گھٽ ٿي ويندو آهي، ان جي علاوه جيڪڏهن ٿورڙو مختصر جائزو ورتو وڃي ته سوين مسجدون اهڙيون به هونديون جو جتي آبادي به آهي پر نماز پڙھڻ وارا نه آهن، مسجد ته آهي پر اِمام ناهي، اهڙن عَلائقن ۾ "نيڪي جي دعوت" جي ڪيتري وڌيڪ ضرورت آهي، اُمّتِ مصطفيٰ کي سڌي راھ راست تي آڻڻ جي لاءِ اسان کي وقت جي قرباني ڏيڻي هوندي۔ اي ڪاش! اسان کي اُمّت جو درد نصيب ٿي وڃي۔
نماز و روزہ و حج و زکوٰۃ کی توفیق عطا ہو اُمّتِ محبوب کو سدا یا ربّ
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
حَڪيمُ الامُت حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سيپارو 4،سوره آلِ عمران جي آيت نمبر 110 جي تفسير ۾ فرمائن ٿا: حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اُمّت جون
بي شمار فضيلتون آهن، هتي انهن مان ڪجھ هي آهن: (1) اهي اُمّت آخر اُمَم (يعني اُمّتن مان آخري اُمّت) آهي، اڳوڻين اُمّتن جا عيب قرآنِ ڪريم ۾ بيان ٿيا آهن، جنهن سان اهي سڄي دُنيا ۾ بدنام ٿي ويون، پر هن اُمّت کان بعد نه ڪو نئون نبي ايندو، نه ڪو آسماني ڪتاب جنهن ۾ ان جا عيب بيان ٿين، غرض هي ته هن اُمّت جي پرده پوشي ڪئي وئي۔ (2) پوئين ڪتابن ۾ هن اُمّت جي وصفن جو ذِڪر هو انهن جي عيب جو تذڪرو نه هو جنهن جي ڪري اهي ماڻهو هن اُمّت مان ٿيڻ جي تمنّا ڪن ٿا۔ (3) جيئن ربّ ڪريم ٻين اَنبياءِ ڪرام(عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام) جو نالو وٺي پُڪاريو، اسان جي حُضُورِ انور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي لقب سان، اهڙي طرح انهن جي اُمّتن کي نَسَبي نالن سان پڪاريو ويو: (يٰبَنِيۡۤ اِسْرَآءِيۡلَ، يٰۤاَيهاالَّذِيۡنَ هادُوۡۤا) وغيره پر ان اُمّت کي (يٰۤاَيها الَّذِيۡنَ اٰمَنُوۡا) (اي ايمان وارو!) جي دِلڪش ۽ پياري خطاب سان نوازيو ويو۔ (4) اڳوڻيون اُمتون پنهنجن نبين کان بعد