Apni Islah Ka Nuskha

Book Name:Apni Islah Ka Nuskha

شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ حاجي زم زم رضا عطاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي درخواست تي ترتيب ڏنا۔ (محبوبِ عطار ڪي 122حڪايات، ص۹۵)حاجي زم زم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پاڻ مدني انعامات جا وڏا عامل ۽ قُفلِ مدينه جا پيڪر (يعني فضوليات کان بچڻ وارا ۽ خاموشي تي ڪاربند) هئا۔ الله پاڪ اسان کي به حاجي زم زم عطاريرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي نقشِ قدم تي هلندي مدني انعامات جو عامل ۽ قفلِ مدينه جو پيڪر بڻائي۔   اٰمين 

شيخِ طريقت، اَمِيرِ اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه حاجي زم زم عطاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ٽيجھي تي اِيصالِ ثواب جي موقعي تي اجتماع ۾ ان سان پنهنجي جن محبتن جو اظهار فرمايو، اچو! ان مان ڪجھ مدني گل ٻڌون ٿا: ٭ صحيح ڳالھ اها آهي ته مان حاجي زم زم رضا عطاري جي صحبت پسند ڪندو هئس۔ ان جي ڪري پنهنجي اندر بهتري محسوس ڪندو ۽ پنهنجي لاءِ اصلاح جو سامان ڪندو هئس۔ ٭ مون ڪڏهن به حاجي زم زم کي پنهنجي زندگي ۾ ٽهڪ ڏئي کلندي نه ڏٺو۔ ٽهڪ نه لڳائڻ سنت آهي، هن سنت تي هو سختي سان عامل هئا۔ ٭ حاجي زم زم کوڙ سارين خوبين جا مالڪ هئا ۽ ايمان داري جي ڳالھ آهي ته وڏيون يادون انهن ڇڏيون آهن۔ ٭ مدني انعامات جي حوالي سان حاجي زم زم جو مون تي وڏو احسان آهي، تمام ئي وڏو احسان آهي جو مدني انعامات ايترا ڪامياب نه ٿي رهيا هئا، حاجي زم زم منهنجو گھڻو حوصلو وڌايو۔ ٭ حاجي زم زم جڏهن سوالات جو نالو مدني انعامات رکيو، مدني انعامات عام ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ته اهي ڪٿي کان ڪٿي نڪري ويا ۽ اڄ مدني انعامات دعوتِ اسلامي جو روح  آهن۔ هن روح کي دعوتِ اسلامي وارن جي اندر لاهڻ ۾ اسان جي حاجي زم زم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو تمام وڏو ڪردار آهي۔        (محبوبِ عطار ڪي 122 حڪايات، ص۱۷۷ تا ۱۷۹)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اميرِ اهلسنت جي عاجزي ۽ ٻي ڳالھ غور ڪريو ته! جيڪو پير پنهنجي مُريد جي لاءِ چوي ته ان جو مون تي احسان آهي، جيڪو