Hazrat Usman-e-Ghani Ki Shan

Book Name:Hazrat Usman-e-Ghani Ki Shan

جي عنايتن ۽ ان جي مهربانين جي سبب گھڻي تعريف ڪندو رهندو آهي۔ پر ڪمال هي آهي ته جڏهن آقا به پنهنجي غُلام جي خُوبين تي سندس تعريف ڪري، حضرت سَيدُنا عُثمانِ غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جو شُمار به انهن خُوش نصيب صحابهءِ ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان ۾ ٿئي ٿو جن جي حق ۾ حُضُور پر نور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ لبن ڪيئي ڀيرا تعريف فرمائي، ڪڏهن سندن کي دربارِ رِسالت کان جَنَّت جي خوشخبري عطا ڪئي وئي، ته ڪڏهن مٺي مُصْطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن پنهنجو جَنَّتي رفيق (ساٿي) قَرار ڏنو، ڪڏهن ته سندن کي ڪامل حَيا جي سَنَد عطا فرمائي ته ڪڏهن سندس جي شَفاعت جي ذَرِيعي ماڻهن کي جَنَّت ملڻ جو اعلان فرمايو۔

      حضور نبي ڪريم، رسولِ رحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت غثمانِ غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جي شان ۾ جيڪي ساراھ لائق جملا ارشاد فرمايا۔ اچو انهن مان 5 فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌون ٿا:

1۔ ارشاد فرمايائون: ”عُثمان مون مان آهي ۽ مان عُثمان مان آهيان۔(ابن عساڪر،عثمانِ بن عفان، ۳۹/۱۰۲،حديث:۷۸۷۸)

2۔ ارشاد فرمايائون: ”جَنَّت ۾ هر نبي جو هڪ رفيق هوندو ۽ منهنجو رفيق (ساٿي) عُثمان بن عَفان هوندو۔(ابن عساڪر،عثمانِ بن عفان،۳۹/۱۰۴،حديث:۷۸۸۱)

3۔ ارشاد فرمايائون: ”قيامت جي ڏينهن عُثمان جي شفاعت سان سَتّر هزار (70,000) اهڙا ماڻهو بغير حساب جي جَنَّت ۾ داخل ٿيندا جن تي جَهنَّم واجب ٿي چڪو هوندو۔“ (ابن عساڪر،عثمانِ بن عفان، ۳۹/۱۲۲، حديث:۷۹۱۶)

4۔ ارشاد فرمايائون: ”منهنجي اُمَّت ۾ سڀ کان وڌيڪ شرم ۽ حَيا جا پيڪر ۽ تعظيم ۽ عزت وارا عثمان بن عفّان آهن۔“ (مسندالفردوس ،۱/۲۵۰،حديث: ۱۷۹۰)

5۔ ارشاد فرمايائون: ”منهنجي امت ۾ سڀ کان وڌيڪ با حيا انسان عثمان بن عفّان آهن۔“ (مستدرڪ ، ڪتاب معرفة الصحابة ،باب حبر ھذه الامة عبد الله بن عباس ،۴/۶۸۹،الحديث:۶۳۳۵)