Hazrat Usman-e-Ghani Ki Shan

Book Name:Hazrat Usman-e-Ghani Ki Shan

2۔ جڏهن امير المؤمنين حضرت سيدُنا عثمان غني رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه کي شهيد ڪيو ويو ته پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جي گھرواريءَ قاتلن کي فرمايو: توهان ان شخص کي شهيد ڪيو جيڪو سڄي رات عبادت ڪندو ۽ هڪ رڪعت ۾ قرآنِ ڪريم ختم ڪندو هو۔ (الزھد للامام احمد،زھد عثمانِ بن عفان ،ص ۱۵۳،حديث: ۶۷۳)

حضرت سيدُنا عبدالرحمن تيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون کي هڪ ڀيري مقامِ ابراهيم تي رات ٿي وئي۔ مان عشاء جي نماز ادا ڪري مقام ابراهيم تي پهتس ايستائين جو مان ان ۾ بيٺس ته ايتري ۾ هڪ شخص منهنجي ڪلهن (Shoulders) جي وچ ۾ هٿ رکيو۔ مون ڏٺو ته اهي امير المؤمنين حضرت سيدُنا عثمان بن عفان رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه هئا۔ ڪجھ دير بعد پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه سورهءِ فاتحه کان قرآنِ ڪريم جي تلاوت شروع ڪئي ايستائين جو سڄو قرآنِ ڪريم ختم ڪيائون۔ (الزھد لابن المبارڪ،باب فضل ذڪرالله،ص۴۵۲،حديث:۱۲۷۶ ملخصاً)

نبی نے تیرے بدلے ’’بیعتِ رضواں ‘‘میں کی بیعت                                کہا قرآن نے دستِ نبی کو دستِ یزدانی

مختصر وضاحت: جڏهن نبي ڪريم، رءوف و رحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بيعتِ رضوان ۾ صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان کان بيعت ورتي ته ان وقت حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه اتي موجود نه هئا، ته حضور نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خود پنهنجو ساڄو هٿ کاٻي تي رکي ان کي حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو هٿ قرار ڏيندي پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي بيعت ۾ شامل فرمايائون۔ قرآنِ ڪريم ساقي ڪوثر، مالڪ جنت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ هٿ کي ربِّ ڪريم جو مبارڪ هٿ ارشاد فرمايو آهي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد