Book Name:Hazrat Usman-e-Ghani Ki Shan
کي ياد ڪريون، ڪاش! اسان قبر جي تنهائي، گھٻراهٽ کي ياد ڪريون، ڪاش! قيامت جو 50 هزار سالن جو ڏينهن اسان کي ياد رهي ها، ڪاش! بارگاههِ اِلٰهي ۾ پيش ٿيڻ اسان کي ياد رهي ها۔
اچو!پنهنجي اندر عبادت ۽ تلاوت جو ذوق ۽ شوق بيدار ڪرڻ جي لاءِ 2 فرامينِ مُصطَفي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌو ۽ عِبادت ۽ تلاوت ڪرڻ جي عادت بڻايو، جيئن
(1) ارشاد فرمايائون: الله پاڪ فرمائي ٿو: اي انسان! تون منهنجي عبادت جي لاءِ فارغ ٿي وڃ مان تنهنجو سينو غنا کان ڀري ڇڏيندس ۽ تنهنجي محتاجي جو دروازو بند ڪندس ۽ جيڪڏهن تون ائين نه ڪندين ته مان تنهنجا ٻئي هٿ مصروفيات سان ڀري ڇڏيندس ۽ تنهنجي محتاجي جو دروازو بند نه ڪندس۔ (ترمذي، ڪتاب صفة القيامة،باب۳۰، ۴/۲۱۱،حديث: ۲۴۷۴)
(2) ارشاد فرمايائون: ”بيشڪ ماڻهن مان ڪجھ الله وارا آهن۔“صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان عرض ڪيو، يارسولَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اهي ڪير آهن؟ فرمايائون: قرآن پڙھڻ وارا جو اهي ئي الله وارا ۽ خواص (خاص ماڻهن) ۾ شامل آهن۔ (ابن ماجه،ڪتاب السنة،باب فضل من تعلم القرآن وعلمه،۱ /۱۴۰،حديث: ۲۱۵)
اي عاشقانِ رسول! اڄ هڪ تعداد آهي جيڪو بي روزگاري جي ڪري پريشان آهي، ڪڏهن ڪنهن معاملي ۾ محتاجي ته ڪڏهن ڪنهن ڪم ۾، ڇو نه اسان اهو ذهن بڻايون ته هن بي روزگارين ۽ ٻين جي محتاجي کان جان ڇڏائڻ جي لاءِ پنهنجي مهربان مالڪ ۽ موليٰ جي بارگاهه ۾ حاضري ڏيون، فرض نمازن جي پابندي ڪريون، تلاوتِ قرآن ڪيتري عظيم عبادت آهي، اسان ڇو نه هن عظيم عبادت جي ذريعي طرح طرح جون نعمتون عطا فرمائڻ واري مالڪ ڪريم کان محتاجي ختم ٿيڻ جي دُعا گھرون۔