Hazrat Usman-e-Ghani Ki Shan

Book Name:Hazrat Usman-e-Ghani Ki Shan

ڪري آگاھ ناهي ته وقت نٿو ملي، هڪ تعداد دين جي بنيادي ۽ ضروري معلومات کان ان ڪري پري آهي ته وقت نٿو ملي، هڪ تعداد علمِ دِين ان ڪري نٿو سکي ته ته وقت نٿو ملي،اَلْغَرَض! دِين سکڻ، آخرت سنوارڻ ۽ آخرت جي بهتري جي لاءِ ڪو ڪم ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي وڃي ته هڪ تعداد آهي جو اهو چوندي نظر ايندو آهي ته وقت نٿو ملي۔

ياد رهي! دِين جي لازم عِلمن ۽ لازم عبادتن جي لاءِ وقت ڪڍڻ ۽ عبادت هن انداز سان ڪرڻ جو جنهن انداز سان ادا ڪرڻ جو حڪم آهي، اسان جي شرعي ذمه داري آهي، بلڪ جيڪو شخص جنهن پيشي يا معاملي سان تعلق رکي ٿو، ان جا ضروري مسئلا سکڻ ۽ ان جي لاءِ وقت ڪڍڻ، اُن شخص جي لاءِ لازم آهي، افسوس! دِين جا ضروري مسئلا سکڻ جي لاءِ اسان وٽ وقت ناهي، ها! دنياوي معاملن جي لاءِ وقت ئي وقت آهي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ اخبارن جو مطالعو ڪرڻ ۽ خبرون (News) ڏسڻ، ٻڌڻ ۾ گذري ويندا آهن، پر پرواھ ناهي هوندي، رات دير تائين هوٽلن ۽ چوڪن تي ويهڻ اسان جو معمول بڻجي چڪو آهي، پر پرواھ ناهي هوندي، الله پاڪ جي پناهه هاڻي ته جڳھ جڳھ تي اهڙا ڪيئي هوٽل آهن جتي خاص ڪري نوجوان رات جو دير تائين ويهي گپ شپ ڪندا آهن ۽ پرواھ ناهي هوندي۔ تاش ،لُڊّو ۽ وڊيو گيمز کيڏي پنهنجو قِيمتي وقت برباد ڪيو ويندو آهي ۽ ان جي پرواھ ناهي هوندي۔ بعض نادان موبائل ۽ انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ ۾ ايتري قدر مگن ٿي ويندا آهن جو وقت جي خبر ناهي پوندي ۽ انهن کي پرواھ به ناهي هوندي۔ هڪ تعداد آهي جيڪا ڪم ڪار جي موڪل ڪرڻ ته رهيو پري، ڪجهه منٽ دير سان وڃڻ به پسند ناهي ڪندي پر افسوس! فرضن ۽ واجبن جي ادائيگي، نفل عبادتن جي بجا آوري، باجماعت نماز جي حاضري ۽ تلاوتِ قرآن ڪرڻ جي حوالي سان اسان اِنتهائي غفلت ۽ سُستي جو شڪار نظر ايندا آهيون۔

ڪاش! اسان دُنيا ۾ اچڻ جو مقصد سمجھون، ڪاش! نزع جي سختين