Qiyamat Ki Alamaat

Book Name:Qiyamat Ki Alamaat

قيامت جون نشانيون

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! پنجين ڳالھ جيڪا هن حديث مان معلوم ٿي رهي آهي اها هي آهي ته قيامت ته ايندي، پر ان جي اچڻ کان پهريان ڪجھ نشانيون ۽ علامتون به آهن جيڪا هن ڳالھ جي نشاندهي ڪنديون ته قيامت اچڻ واري آهي۔ هن حديثِ پاڪ ۾ غيب ڄاڻڻ واري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ قيامت جون ٻه نشانيون بيان فرمايون آهن۔ هڪ اها ته ٻانهيء پنهنجي مالڪ کي ڄڻيندي، ٻي اها ته اگھاڙن پيرن، اگھاڙي جسم وارا، مفلس ۽ ٻڪريون چاريندڙ بلند ۽ بالا گھرن جي تعميرات ۾ هڪٻئي تي فخر ڪندا هوندا۔ قيامت جي انهن ٻن نشانين جي باري ۾ وڌيڪ وضاحت به ٻڌائي ويندي، هنن نشانين کان علاوه به احاديثِ طيبه ۾ قيامت جون ڪيئي ٻيون نشانيون بيان ٿيون آهن۔ ”بهارِ شريعت“ ۾ احاديثِ طيبه جي روشني ۾ قيامت جون ڪيئي نشانيون ذڪر ڪيون ويون آهن، اچو! اسان انهن مان ڪجھ ٻڌون ٿيون: ٭ علم کنيو ويندو۔(يعني عالم سڳورا کنيا ويندا) ٭ جڏهن ڪو عالم نه رهندو ته ماڻهو (مجبوريءَ طور) جاهلن کي پنهنجو پيشوا بڻائيندا، ٭ پوءِ انهن کان ديني مسئلا پڇندا ته هو بنا علم جي فتوا ڏيندا ته پاڻ به گمراھ ٿي ويندا ۽ ٻين کي به گمراھ ڪندا۔ (بخاری، کتاب العلم،باب کیف یقبض العلم،۱/۵۴،حدیث:۱۰۰) ٭ جهالت جي ڪثرت هوندي۔ ٭ بدڪاري ۽ شراب خوري عام ٿيندي۔٭  مَرد گھٽ هوندا ۽ عورتون گھڻيون، ايستائين جو هڪ مرد جي سرپرستي ۾ پنجاھ عورتون هونديون۔ (بخاری، کتاب النکاح، باب یقل الرجال ویکثر النساء،۳/۴۷۲،حدیث: ۵۲۳۱) ٭ مال جي ڪثرت هوندي۔ (مسلم، کتاب الزکاۃ، باب الترغیب فی الصدقۃ ...إلخ،ص۳۹۲،حدیث: ۲۳۳۹ملتقطا) ٭ دِين تي قائم رهڻ ايترو دُشوار هوندو جيئن مُٺيءَ ۾ ٽانڊو کڻڻ۔ (ترمذی، کتاب الفتن،باب۷۳،۴/۱۱۵،حدیث: ۲۲۶۷) ٭ وَقت ۾ برڪت نه هوندي، ايستائين جو سال مهيني جيان ۽ مهينا هفتي جيان ۽ هفتو ڏينهن جيان ۽ ڏينهن ائين ٿيندو جيئن ڪنهن شيءِ کي باھ لڳي هجي ۽ جلد ڀڙڪي ختم ٿي وئي۔ (ترمذی، کتاب الفتن، باب ماجاء فی تقارب الزمن...إلخ ،۴/۱۴۸،حدیث: ۲۳۳۹ملتقطا) ٭ زڪوٰة ڏيڻ (ماڻهن تي ائين مشڪل ٿيندو جو ان کي) تاوان سمجھندا۔ (ترمذی، کتاب الفتن، باب ما جاء في علامۃ...إلخ،۴/۸۹،حدیث: ۲۲۱۷) ٭ علمِ دين پڙھندا، پر دين جي لاءِ نه۔ ٭ مَرد پنهنجي عورت جو فرمانبردار ٿيندو۔ ٭ ماءُ پيءُ جي نافرماني ڪندو۔ ٭ پنهنجي احباب سان ميل جول رکندو ۽ پيءُ سان جدائي۔ ٭ مسجد ۾ ماڻهو رڙيون ڪندا۔ ٭ ڳائڻ وڄائڻ جي ڪثرت هوندي۔ ٭ اڳوڻن تي