Book Name:Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain

رجب جي مهيني ۾ ڪجھ  هنڌن تي حضرتِ (سَيدُنا) امام جعفر صادِق رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي اِيصالِ ثواب جي لاءِ کيرڻي جا ڪونڊا تيار ڪيا ويندا آهن، اهو به جائز آهي پر ان ۾ به  ڪن ماڻهن پابندي لڳائي رکي آهي اها اجائي پابندي آهي۔ ان ڪونڊن جي باري ۾ هڪ ڪتاب به آهي جنهن جو نالو ”داستانِ عجيب“  آهي، ان موقعي تي ڪي ماڻهو هن کي پڙهائيندا آهن ۽ ان ۾ جيڪو ڪجھ لکيل آهي ان جو ڪو به ثبوت ناهي اهو نه پڙهيو وڃي، فاتحه پڙهي اِيصالِ ثواب ڪيو۔ (بہار شریعت،حصہ 16، 3/643)

          اميراهلسنّت دامت برڪاتهم العاليه پنهنجي رسالي ”ڪفن جي واپسي“ صفحي 15 تي فرمائن ٿا: اهڙي طرح ڏهه بيبين جي ڪهاڻي، ڪاٺير جي ڪهاڻي ۽ جنابِ سيده واري ڪهاڻي سڀ مَن گھڙت قِصا آهن انهن کي نه پڙهيو وڃي، هن جي بدران ياسين شريف پڙهي وٺو ته جيئن ڏهن قرآنن جو ثواب ملي، هي ياد رهي ته ڪونڊي ۾ ئي کيرڻي کارائڻ ضروري ناهي، ٻين ٿانوَن ۾ به کائي ۽ کارائي سگھو ٿا اِيصالِ ثواب (يعني ثواب پهچائڻ)، قرآنِ ڪريم ۽ اَحاديثِ مُبارَڪه مان ثابت آهي، ايصالِ ثواب دعا جي ذريعي به ڪري سگھجي ٿو ۽ کاڌو وغيره پچائي ان تي فاتحه  به ڏياري سگھجي ٿي۔ ڪونڊن جي نياز به اِيصالِ ثواب ئي جي هڪ صُورت آهي، هن کي ناجائز چوڻ، شريعت تي اِفتِرا (يعني تهمت لڳائڻ) آهي۔

          اميراهلسنّت پنهنجي رسالي ”ڪفن جي واپسي“ ۾ وڌيڪ فرمائن ٿا: سڄي رجب ۾ بلڪ سڄي سال ۾ جڏهن چاهيو ايصالِ ثواب جي لاءِ ڪونڊن جي نياز ڪري سگھو ٿا، البت مناسب اهو آهي ته 15 رجبُ المرجب جو ”رجب جا ڪونڊا“ ڪيا وڃن ڇوته اهو حضرت سيدُنا امام جعفر صادق رَضِىَ اللّٰه عَنْه جي  عرس جو ڏهاڙو آهي۔

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان کي به هن مهيني ۾ پنهنجي بزرگن، پنهنجي خاندان جي مرحومين ۽ سڄي اُمت جي لاءِ ايصالِ ثواب ڪرڻ گھرجي۔ الله پاڪ عمل جي توفيق عطا فرمائي۔