Book Name:Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain
الْمَعَارِف ۾ 17 نالا ذڪر ڪيا ويا آهن. جيئن شَھْرُ اللہ، مُنْصِلُ الاَسِنَّۃ، اَلْاَصَبَّ، مُطَہِّر، مُعَلّٰی وغيره (لطائف المعارف، ص132) جڏهن ته حضرت امام ابو الخطاب عمر بن حسن ابنِ دحيهرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڌيڪ ٻن نالن جو اضافو ڪيو آهي۔ (اداء ماوجب لابن دحیۃ، ص 31-35)
حضرت علامه يوسف بن عبدُالھادي حنبلي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: رَجَب جو مهينو خير ۽ ڀلائي جي ڪنجي آهي۔ حضرت سيدُنا ابوبڪر ورّاق رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: رجَبُ المرجّب (عبادت جو) ٻج پوکڻ جو مهينو آهي، شعبانُ المعظّم آب پاشي (پاڻي ڏيڻ يعني لڙڪن سان سيراب ڪرڻ) جو مهينو آهي ۽ رمضانُ المبارَڪ (رحمت جو) فصل ڪٽڻ جو مهينو آهي۔ (معارف الانعام وفضل شھوروالایام،ص95۔لطائف المعارف، ص 138) لَطائفُ المَعارف ۾ آهي: رجب جو مهينو هوا جيان آهي، شعبان بادل جيان آهي ۽ رمضان برسات جيان آهي۔ هڪ بزرگ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: سال وڻ جيان آهي، رَجَبُ المرجّب ۾ ان جا پن نڪرندا آهن، شعبانُ المعظّم ۾ ٽاريون نڪرنديون آهن ۽ رمضانُ المبارڪ ۾ ميوا پٽيا ويندا آهن ۽ مسلمان ان جو ميوو پٽيندا آهن۔
ان کان پوءِ پاڻ فڪرِ آخرت جو ذهن ڏيندي ارشاد فرمائن ٿا: جنهن گناهن سان اعمال نامو ڪارو ڪيو، اهو هن مهيني ۾ توبه ڪري وٺي ۽ اعمال نامي کي روشن ڪري، جنهن فضوليات ۾ عمر وڃائي اهو باقي عمر کي غنيمت سمجھي۔ (لطائف المعارف ، ص138)
رجب جي مهيني ۾ عبادت جي ڪثرت ڪرڻ وارن تي الله پاڪ جو ڪيتري قدر فضل ۽ ڪرم ٿيندو آهي ان جو اندازو هن حڪايت مان لڳائي سگھجي ٿو، جيئن
بَيتُ المقدس ۾ هڪ عورت رجَبُ المُرَجَّب جي هر ڏينهن ۾ ٻارهن هزار ڀيرا سورهءِ اخلاص (قُلْ ھُوَ اللّٰهُ اَحَد) پڙھندي هئي ۽ سڄي مهيني ۾ اُوني لباس