Book Name:Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain

لاءِ گواهي ڏيندس. (مشکاۃ ،کتاب العلم،۱/۶۸،حدیث: ۲۵۸) (2)فرمايائون: الله پاڪ ان کي تروتازه رکي جيڪو منهنجي حديث کي ٻڌي، ياد رکي ۽ ٻين تائين پهچائي. (ترمذی،کتاب العلم، باب ماجاء فی الحثالخ،۴/۲۹۸،حدیث:) حديث، حضورِ اقدس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي قول، فعل، حال ۽ تقرير کي چوندا آهن. ( نزہۃ القاری ،۱/۸۷) v حديث جي علم کي حاصل ڪرڻ فرض ڪفايه آهي جيڪڏهن سڄي امت ۾ ان جو عالم نه ڏٺو ويو ته سڄي امت گناهگار ٿيندي.( نصاب اصول حدیث مع افادۃ رضویہ،۲۸) v قرآنِ ڪريم جيان حديثِ رسول به احڪامِ شريعت جو بنيادي ماخذ آهي. v حديث جي رهنمائي جي بغير احڪامِ الاهي جي تفصيلات ڄاڻڻ ۽ آياتِ قرآني جي مراد سمجهڻ ممڪن ناهي. v ڪيئي قرآني احڪام اهڙا آهن جو جن جي وضاحت حديث سان ٿيندي آهي.( منتخب حدیثیں، ص۱۱) v قرآن ڪريم کان پوءِ احڪامِ شريعت جي دليل بڻجڻ ۾ حديث جو ئي درجو آهي. v قرآن ڪريم ۽ حديث ٻئي دينِ اسلام جي مرڪزي بنياد ۽ احڪامِ شرع جون مضبوط دليلون آهن. (منتخب حدیثیں، ص۳۰) v احاديثِ رسول تي ايمان آڻڻ کان بغير نه ڪو قرآنِ پاڪ جي معنائن ۽ مطلبن کي چڱي طرح سمجهي سگهي ٿو نه دينِ اسلام تي عمل ڪري سگهي ٿو.( منتخب حدیثیں، ص۳۴) v اسلام ۾ ڪلامُ الله(يعني قرآن) کانپوءِ ڪلامِ رسول(يعني حديث) جو درجو آهي. ( مرآۃ المناجیح ،۱ /۹)  v هر انسان تي حضور پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي اطاعت فرض آهي ۽ اها اطاعت حديث ۽ سنت جي ڄاڻڻ کان بغير ناممڪن آهي.( نزہۃ القاری ، ۱/۶۳) v احاديث جي انڪار کانپوءِ قرآن تي ايمان جي دعويٰ فقط باطل آهي. ( فیضان فاروق اعظم ، ۲/۴۵۱) v جيسيتائين اهو معلوم نه هجي ته  واقعي هي حديثِ پاڪ آهي، تيسيتائين بيان نه ڪريو.( ترمذی، کتاب تفسیر القرآن ،باب ماجاء فی الذی یفسر القرآن برایہ ، ۴/۴۳۹، حدیث:۲۹۶۰) vالله پاڪ جي رحمت بڻجي تشريف کڻي اچڻ واري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جو فرمان آهي: جيسيتائين اوهان کي يقيني علم نه هجي منهنجي طرف حديث بيان ڪرڻ کان بچو، جنهن ڄاڻي واڻي منهنجي طرف ڪوڙ منسوب ڪيو ان کي گهرجي ته اهو پنهنجو ٺڪاڻو جهنم بڻائي. v ايس ايم ايس(sms)